Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:15 - Muslim Sindhi Bible

15 ان کان علاوہ مسيح جي سلامتي، جنهن لاءِ اوهين هڪ بدن ٿيڻ جي واسطي سڏيا ويا آهيو، تنهن کي پنهنجي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڏيو ۽ شڪرگذار رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 مسيح جو اطمينان، جنهن جي لاءِ اوهين بہ هڪڙي بدن ۾ سڏيا ويا هئا، سو ڀلي تہ اوهان جي دلين تي حڪومت ڪري، ۽ اوهين شڪرگذار رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ان کان علاوہ مسيح جي شانتي، جنهن لاءِ اوهين هڪ شرير ٿيڻ جي واسطي سڏيا ويا آهيو، تنهن کي پنهنجي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڏيو ۽ شڪرگذار رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 مسيح جو اطمينان، جنھن لاءِ اوھين ھڪ بدن ڪري سڏيا ويا آھيو، سو شل اوھان جي دلين تي حڪومت ڪري ۽ اوھين شڪرگذار رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:15
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شڪرگذاري ڪندي سندس هيڪل ۾ داخل ٿيو، ۽ هن جي بارگاهہ ۾ اچي سندس واکاڻ ڪريو. اوهين سندس شڪرانو ادا ڪريو، ۽ سندس نالي کي سڳورو چئو.


اوهين خداوند آڏو شڪرگذاريءَ واريون قربانيون پڻ پيش ڪريو، ۽ گيت ڳائيندي سندس ڪمن جو بيان ڪريو.


سو آءٌ تنهنجو نالو وٺي تنهنجي حضور ۾ شڪراني جو نذرانو پيش ڪندس.


شل اهو خداوند پنهنجي قوم کي طاقت عطا ڪري. هائو، شل هو پنهنجي قوم کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.


بيشڪ خداوند انهن کي پوري پوري سلامتي بخشي ٿو، جيڪي هر حال ۾ مٿس ئي توڪل رکندڙ آهن.


تنهن هوندي بہ جيڪڏهن منهنجي قوم کي اهي نقصان ڏيندڙ مون وٽ امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ چاهين، تہ پوءِ منهنجي طاقت جي پناهہ ۾ اچڻ لاءِ پهريائين مون سان صلح ڪن.“


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.


پر آءٌ تنهنجي اڳيان شڪراني سان قرباني ڪندس، جيڪا باس مون باسي آهي سا ضرور پوري ڪندس. اي خداوند! آءٌ مڃان ٿو تہ تون ئي ڇڏائڻ وارو آهين.“


آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن مون ۾ اوهان کي سلامتي ملي. دنيا ۾ اوهين تڪليفون سهندا رهو ٿا، پر همت نہ هاريو. مون دنيا تي فتح حاصل ڪئي آهي.“


پر هنن خدا کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بي‌عقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي.


ياد رک، خدا جي بادشاهي کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اها سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پاڪ روح جي هئڻ ڪري آهي.


هاڻ جڏهن تہ اوهين ايمان تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ خدا اوهان کي خوشيءَ ۽ سلامتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.


جيئن تہ اسين ايمان رکڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.


جيئن تہ ماني هڪڙي آهي، تيئن جيتوڻيڪ اسين گھڻا آهيون تہ بہ هڪڙو بدن آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀيئي انهيءَ هڪڙيءَ مانيءَ ۾ شامل ٿا ٿيون.


انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن غير ايمان وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ ايمان وارو مڙس يا زال پابند نہ آهي. پر ڏسو، خدا اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي.


هي سڀ ڪجھہ اوهان جي فائدي لاءِ آهي، تہ جيئن جيڪو فضل گھڻن کان گھڻن ماڻهن تائين پهچي ٿو، تنهن جي وسيلي خدا جي واکاڻ لاءِ ماڻهن جي شڪراني ۾ بہ واڌارو ٿيندو وڃي.


ائين اوهين هر شيءِ ۾ مالا مال ٿي هر طرح جي امداد سخاوت سان ڏيندا، جيڪا اسان جي معرفت ضرورتمندن تائين پهچي خدا جي شڪرگذاريءَ جو سبب بڻبي.


انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي بدن جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ بدن جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو بدن وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو.


ڏسو، هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو.


مطلب تہ اوهين خدا جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو.


هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۾ خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا رهو.


خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري بادشاهيءَ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي.


هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي تعليم ملي آهي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.


هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهان لاءِ خدا جي اها ئي مرضي آهي.


هاڻي سڀ کان پهريائين آءٌ هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ منٿون، دعائون، التجائون ۽ شڪرگذاريون سڀني ماڻهن لاءِ ڪيون وڃن.


تون ايمان جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ دائمي زندگيءَ کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو.


تنهنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي خدا آڏو سدائين سندس واکاڻ جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.


چوڻ لڳا تہ ”آمين. اسان جي خدا جي واکاڻ، عظمت، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ