Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ۽ نئين فطرت کي پهري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن اها نئين فطرت پنهنجي خالق جي صورت موجب نئين ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن اوهين خدا جي ڄاڻ ۾ وڌندا وڃو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ نئين انسانيت ڍڪي اٿوَ، جا علم حاصل ڪرڻ لاءِ نئين ٿيندي ٿي وڃي، تہ پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي صورت وانگر ٿئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 ۽ نئين فطرت کي پهري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن اها نئين فطرت پنهنجي ڪرتار جي روپ موجب نئين ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن اوهين ايشور جي ڄاڻ ۾ وڌندا وڃو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ۽ نئين انسانيت کي پھري ڇڏيو آھي، جيڪا خدا جي پوري ڄاڻ سان پنھنجي خالق جي صورت موافق نئين ٿيندي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:10
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن خدا انسان کي پيدا ڪيو تہ کيس پاڻ وانگر ٺاهيائين. خدا هنن کي نر ۽ ناري پيدا ڪري برڪت ڏني ۽ کين ”انسان“ سڏيائين، جن جي اولاد جي هيءَ فهرست آهي:


سچائي ڄڻ لباس وانگر مون کي پهريل هوندي هئي، ۽ انصاف مون کي هڪ جبي ۽ دستار وانگر پهريل هو.


اي خدا! منهنجي اندر ۾ هڪڙي پاڪ دل پيدا ڪر، ۽ منهنجي باطن ۾ نئين سر مستقيم روح وجھي ڇڏ.


جاڳ، اي صيئون! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ ۽ زور وٺ. هائو، اي يروشلم! اي پاڪ شهر! هاڻ شان وَ شوڪت کي پنهنجي پوشاڪ بڻاءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ کان پوءِ ڪوبہ غير قوم جو لشڪر، هائو، ڪوبہ ناپاڪ سپاهي ڪاهہ ڪري تو ۾ اندر نہ گھڙندو.


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


آءٌ اوهان کي هڪڙي نئين دل ۽ نئون ذهن عطا ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي بدن مان اها ضدي دل ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهان کي هڪڙي مڪمل فرمانبردار دل عطا ڪندس.


جن گناهن ڪرڻ ڪري اوهين گنهگار بڻيا آهيو، تن سڀني کان پاڻ کي پري رکو. اوهين پنهنجي سوچ بدلائي نئين دل ۽ نئون ذهن پيدا ڪريو. اي بني اسرائيل! ڇو اوهين مرڻ ٿا گھرو؟


آءٌ اوهان کي نئين دل عطا ڪندس ۽ اوهان جي اندر ۾ نئون ذهن وجھندس. هائو، آءٌ اوهان جي بدن مان اها ضدي دل ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهان کي هڪڙي مڪمل فرمانبردار دل عطا ڪندس.


دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


پاڻ کي هن آخري زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ خدا کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


رات گھڻي گذري چڪي آهي ۽ ڏينهن ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري اچو تہ اونداهيءَ جا ڪم ڇڏي سوجھري جا هٿيار ٻڌون.


اٽلندو خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪي ڇڏيو ۽ جسماني خواهشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


تنهنڪري بپتسما جي وسيلي اسين سندس مرڻ ۾ شامل ٿي هن سان گڏ دفن ٿي ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جهڙيءَ طرح مسيح کي پيءُ جي عظمت واري قدرت سان مئلن مان جيئرو ڪيو ويو، تهڙيءَ طرح اسين بہ نئين سر زندگي گذاريون.


هائو، شروع کان ئي خدا انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس فرزند جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس فرزند گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي.


سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلوي جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس عظيم صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم خداوند پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ڪري ٿو.


تنهنڪري اسين همت نہ ٿا هاريون. جيتوڻيڪ جسماني طور اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏهن بہ روحاني طور ڏينهون ڏينهن نوان ٿيندا پيا وڃون،


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


مطلب تہ جيڪو بہ مسيح ۾ آهي سو نئون خلقيل آهي. پراڻي زندگي گذري ويئي، ڏسو، نئين زندگي شروع ٿي ويئي آهي.


اوهان سڀني مسيح جا ٿيڻ جي بپتسما وٺي مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو آهي.


انهيءَ ڪري طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر اهم ڳالهہ نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


اسين تہ خدا جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.


اها ڀت شريعت پنهنجي قاعدن قانونن سان کڙي ڪئي هئي. مسيح انهيءَ شريعت کي هٽائي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي پاڻ ۾ شامل ڪري هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي ڇڏيو.


تنهنڪري جيئن اوهين خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ، مهربانيءَ، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.


انهن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌي ڇڏيو، جيڪا انهن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي.


منهنجي دعا آهي تہ اسان کي مسيح ۾ مليل برڪتن جي ڄاڻ تو ۾ جيئن جيئن وڌندي وڃي، تيئن تيئن اسان سان تنهنجي ايماني رفاقت مسيح جي خاطر اثرائتي ثابت ٿيندي وڃي.


پر ان جي باوجود بہ اهي عيسيٰ مسيح کان منهن موڙي ويا آهن، تن ماڻهن کي ٻيهر توبهہ ڏانهن مائل ڪرڻ ناممڪن آهي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي پنهنجي اهڙي رويي سان ڄڻ تہ خدا جي فرزند کي ٻيهر صليب تي چاڙهي ظاهر ظهور هن جي بي‌حرمتي ٿا ڪن.


جيڪڏهن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا.


پر جيڪو خدا جي پيغام تي عمل ڪري ٿو تہ بيشڪ انهيءَ شخص ۾ خدا جي محبت مڪمل ٿي چڪي آهي. انهيءَ مان اسان کي يقين ٿئي ٿو تہ اسين خدا ۾ آهيون.


پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ