Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 3:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ جياريا ويا آهيو، تنهنڪري انهن شين سان دل لڳايو جيڪي عرش عظيم تي آهن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تنهنڪري، جيڪڏهن اوهين مسيح سان گڏ جياريا ويا آهيو تہ انهن شين جا ڳولائو ٿيو جي مٿي آسمان ۾ آهن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هاڻ جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ جيوت ڪيا ويا آهيو، تنهنڪري انهن شين سان دل لڳايو جيڪي آڪاش تي آهن، جتي مسيح ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 تنھنڪري جڏھن تہ اوھين مسيح سان گڏ جياريا ويا آھيو، تڏھن انھن شين جي ڳولا ۾ رھو جيڪي آسمان ۾ آھن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 3:1
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“


تون مون کي هميشہ زندگيءَ جي راهہ پيو ڏيکاريندين، ۽ تنهنجي حضور ۾ آءٌ خوشين سان ڀرپور رهندس. هائو، تو سان گڏ رهڻ ۾ مون کي دائمي خوشيون حاصل ٿينديون.


عقلمند ماڻهو اهڙو رستو اختيار ٿا ڪن، جيڪو کين زندگيءَ ڏانهن وٺيو وڃي. هو اهو رستو نہ ٿا وٺن جيڪو موت ڏانهن وٺيو وڃي.


ڏاهي ماڻهوءَ جي دل سچائيءَ ڏانهن مائل ٿي لڳي، جڏهن تہ بي‌عقل ماڻهوءَ جي دل براين ڏانهن ٿي لڳي.


’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ، بلڪ آءٌ اوهان سڀني کي چوان ٿو تہ هاڻي کان پوءِ اوهين ابنِ آدم کي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي تي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“


بلڪ پنهنجو خزانو عرش عظيم ۾ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ ان کي تباهہ ڪري سگھن ٿا ۽ نہ وري چور کاٽ هڻي چورائي سگھن ٿا،


پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


دائود تہ پاڻ پاڪ روح جي هدايت تي چيو هو تہ ’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ آهيان. اوهين ابنِ آدم کي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“


انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ خداوند عيسيٰ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني عرش عظيم تي پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،


ڇاڪاڻ تہ دائود خود زبور ۾ چيو آهي تہ ’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،


پر هن کان پوءِ ابنِ آدم قادرِمطلق خدا جي ساڄي پاسي ويهندو.“


دائود پاڻ آسمان ڏانهن کڄي نہ ويو، سو هو پاڻ بابت نہ ٿو چوي جڏهن هن هيئن چيو تہ ’خداوند خدا منهنجي خداوند کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،


پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانهن نهاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين.


ڪير آهي جيڪو اسان کي گنهگار قرار ڏيندو؟ جڏهن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. هو خدا جي ساڄي پاسي آهي ۽ اسان جي سفارش پيو ڪري.


انساني فطرت واري سوچ موت آهي، پر پاڪ روح واري سوچ زندگي ۽ خدا سان ميل ميلاپ آهي.


سو اسين ڏٺل شين تي نہ، پر اڻ‌ڏٺل شين تي نظر ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون سي عارضي آهن ۽ جيڪي نہ ٿيون ڏسجن سي دائمي آهن.


هو جيڪو هيٺ لٿو سو اهو ساڳيو ئي آهي جيڪو سڀني آسمانن کان مٿي عرش عظيم تي چڙهي ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو آسمان توڙي زمين کي پاڻ سان ڀرپور ڪري.


تنهنڪري اي زالون! اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيءَ طرح تابعدار رهو جهڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ جون،


جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ هن دنيا جي ابتدائي اصولن جي بنسبت مري ويا آهيو، تہ پوءِ ڇو اهڙي زندگي ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوهين هن دنيا جا آهيو؟ ڇو اهڙن دنياوي قاعدن جي تابعداري ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا تہ


هائو، اوهين انهن شين ڏانهن ڌيان ڏيو جيڪي عرش عظيم تي آهن، نہ انهن ڏانهن جيڪي زمين تي آهن،


ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏهن بہ ڪنهن کي فرمايو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان“؟


اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


پر مسيح هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي گناهن کي مِٽائي ڇڏيو. پوءِ هو ”خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.“


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


انهن ڳالهين جو خاص مطلب هي آهي تہ اسان جو هڪڙو اهڙو سردار ڪاهن آهي، جيڪو مٿي آسمان تي عظيم خدا جي تخت تي ساڄي پاسي ويٺو آهي.


هو آسمان تي وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ ملائڪ، اختياريون ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ