Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 2:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ ملائڪن جي پوڄا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ زندگي گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان محروم رکي. اهڙو ماڻهو رويائن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي جسماني عقل تي ڦونڊجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ائين نہ ٿئي تہ ڪوبہ ماڻهو جو پنهنجي حليميءَ تي فخر ٿو ڪري، ۽ ملائڪن جي عبادت ٿو ڪري، سو اوهان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي، ڇوتہ اهڙو ماڻهو پنهنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي روايتن ۾ محو ٿو رهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ائين نہ ٿئي جو ڏيکاءَ واري نِوڙت ۽ دوتن جي پوجا ڪرڻ وارو ڪو ماڻهو زور ڀري اوهان کي مسيح ۾ جيون گذارڻ وارو انعام کٽڻ کان رهائي وجھي. اهڙو ماڻهو درشن جي ڳالهين کي اجائي اهميت ڏيئي پنهنجي شريري عقل تي ڦونڊجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ائين نہ ٿئي جو ڪو ماڻھو ڪُوڙي نِوڙت ڪري ۽ ملائڪن جي عبادت ڪرڻ کي پسند ڪري اوھان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي. اھڙو ماڻھو ڏٺل شين ۾ محو ٿي پنھنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 2:18
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند خدا عورت کان پڇيو تہ ”تو ائين ڇو ڪيو؟“ عورت وراڻيو تہ ”نانگ مون کي برغلايو ۽ مون کاڌو.“


”تون ڪير ٿيندو آهين جو پنهنجي اڻ‌ڄاڻائيءَ وارين ڳالهين سان منهنجي ڏاهپ جي ڪمن بابت ايترو ڳالهائين ٿو؟


تون پاڻ کي زيتون جو تيل ۽ هر قسم جون سرهاڻيون مکي مولڪ ديوتا وٽ ويندي رهي آهين. تو اهڙن ٻين بہ يارن جي ڳولا لاءِ پري پري تائين ماڻهو موڪليا، هائو، تو غير معبودن جي ڳولا لاءِ پاتال تائين پئي ماڻهو موڪليا آهن.


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهن احمق نبي سڏائيندڙن لاءِ! جيڪي پنهنجيءَ دل جي پيروي ڪن ٿا ۽ ڪابہ رويا ڪين ڏٺي اٿائون.


تنهن هوندي بہ هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو. هائو، جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا بہ نہ سڃاڻيندا هوندا، تنهن کي هو سون، چاندي، هيرا جواهر ۽ قيمتي شيون نذرانو ڏيئي سندس احترام ڪندو.


ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان پعور واريءَ ڳالهہ ۽ سندن ڀيڻ ڪزبيءَ واري ڳالهہ ۾ ستايو، جيڪا پعور جي سببان آيل وبا جي وقت ۾ ماري ويئي هئي.“


ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اهي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا، انهيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪري ڇڏين.


انهن خدا جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انهن جي پوڄا ڪئي. هائو، خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي واکاڻ شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوڄا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مهربان آهي. محبت حسد نہ ٿي ڪري، نڪي پاڻ کي پڏائي ٿي ۽ نہ وري پاڻ بابت ٻٽاڪون ٿي هڻي.


جيئن تہ اوهان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا دنياوي ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين جسماني طور زندگي گذاريو ٿا.


اوهان مان ڪي اهو سمجھي مغرور ٿي ويا آهن، جو ڄڻ تہ آءٌ اوهان وٽ وري ڪڏهن ڪونہ ايندس.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون هنن ڳالهين ۾ اوهان جي خاطر پنهنجو ۽ اپلوس جو ذڪر مثال طور پيش ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين اسان تي غور ڪندي هن چوڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو تہ ”جيڪي ڪجھہ لکيل آهي، تنهن کان ٻاهر نہ وڃو.“ پوءِ اوهان مان ڪو ٻٽاڪون هڻندي هڪڙي جي ڀر وٺي ٻئي جي مخالفت نہ ڪندو.


هاڻي بتن تي قرباني ڪرڻ واري ڳالهہ تي اچو. انهيءَ بابت ڄاڻيندي اسين چئون ٿا تہ ”اسين سڀيئي ڄاڻ رکون ٿا.“ پر ڄاڻ تہ انسان کي مغرور ڪري ٿي، جڏهن تہ محبت ترقي عطا ڪري ٿي.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻا ئي آهن، پر انعام رڳو هڪڙي کي ملندو آهي؟ سو اوهين اهڙا ڊوڙو جيئن انعام کٽو.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، حسد، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن.


جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب زندگي نہ گذاريو.


خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


موسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا ئي آهي، پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان ۽ اسان جي اولاد جي لاءِ آهن، انهيءَ لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.“


تنهن منزل ڏانهن زور لڳائيندو ڊوڙندو وڃان، تہ جيئن سربلنديءَ وارو اهو انعام کٽان جنهن جو سڏ عيسيٰ مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري خدا وٽان آيو آهي.


اهڙا هٿرادو ٺاهيل قاعدا قانون عبادت، نِوڙت ۽ بدن کي سختي ڏيڻ جي لحاظ کان ڏاهپ جو ڏيک تہ رکن ٿا، پر حقيقت ۾ جسماني خواهشن کي روڪڻ لاءِ اهي ڪنهن بہ ڪم جا نہ آهن.


هي آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو ماڻهو مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ڪري اوهان کي گمراهہ نہ ڪري وجھي.


خبردار رهجو، متان ڪو ماڻهو انهن اجاين ۽ گمراهہ ڪندڙ خيالن سان اوهان کي شڪار ڪري نہ وٺي، جن جو بنياد مسيح تي نہ پر ماڻهن جي روايتن ۽ هن دنيا جي ابتدائي اصولن تي آهي.


اهي شريعت جا عالم تہ ٿيڻ چاهين ٿا، پر جيڪي ڳالهيون هو ڪن ٿا ۽ انهن بابت ڄاڻڻ جي وڏي يقين سان دعويٰ ٿا ڪن تن کي هو سمجھن ئي ڪونہ ٿا.


پاڪ روح صاف طور چوي ٿو تہ آخري ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو ايمان کان ڦري گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليم تي ڌيان ڏيندا.


اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت عورتن کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ گناهن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور ايمان وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.


مون هي ڳالهيون اوهان ڏانهن انهن ماڻهن بابت لکيون آهن، جيڪي اوهان کي گمراهہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي گمراهہ ڪرڻ لاءِ معجزا ڏيکاري. انهن معجزن جي ڪري هو گمراهہ ٿي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيئرو ٿي پيو هو.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان کي سجدو ڪندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


تڏهن آءٌ کيس سجدو ڪرڻ لاءِ سندس پيرن تي ڪري پيس. پر هُن مون کي چيو تہ ”خبردار، متان ائين ڪرين! رڳو خدا کي ئي سجدو ڪر! آءٌ تہ تو وانگر ۽ تنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر خدمت ڪرڻ وارو آهيان جيڪي سڀ عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ تي قائم آهيون، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ بابت شاهدي ئي خدا جي پيغام جو نچوڙ آهي.“


آءٌ جلد اچڻو آهيان. جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو تہ ڪوبہ اوهان جو تاج کسي نہ وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ