Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڪلسين 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهان جي انهيءَ ايمان ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آسمان تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي پيغام ۾ ٻڌو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 انهيءَ اُميد جي ڪري جا اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. ۽ جنهن جو ذڪر اوهان اڳيئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻُڌو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اوهان جي انهيءَ وشواس ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آڪاش تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي سنديش ۾ ٻڌو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اوھان جي انھيءَ ايمان ۽ محبت جو مدار انھيءَ اميد تي آھي، جيڪا خدا اوھان لاءِ آسمان ۾ پوري ڪندو ۽ جنھن جو ذڪر اوھان اڳي ئي خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻڌو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڪلسين 1:5
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! تنهنجي ڀلائي ڪيڏي نہ عظيم آهي! جيڪا تو پنهنجي تعظيم ڪرڻ وارن لاءِ گڏ ڪري رکي آهي، ۽ جيڪا تو ماڻهن آڏو پنهنجي پناهہ ۾ آيلن تي ظاهر ڪئي آهي.


سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني عرش عظيم تي پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،


خدا جي خوشخبريءَ جو پيغام جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ عيسيٰ مسيح جيڪو سڀني جو خداوند آهي، تنهن جي وسيلي خدا سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.


اي ابراهيم جو اولاد، منهنجا هم‌قوم بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي خداپرست غير يهوديؤ! انهيءَ ڇوٽڪاري وارو پيغام اسان سڀني ڏانهن موڪليو ويو آهي.


جڏهن پولس ڏٺو تہ ڪائونسل ۾ ڪي صدوقي ۽ ڪي فريسي آهن، تڏهن هن وڏي آواز سان چيو تہ ”اي ڀائرؤ! آءٌ فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان. هتي مون تي ڪيس هلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجو اهو يقين آهي تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جيئرا ٿي اٿندا.“


مون کي خدا ۾ اهڙي ئي اميد آهي جيڪا خود انهن کي بہ آهي تہ خدا سڀني نيڪن توڙي بدڪارن کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿاريندو.


بلڪ اها سچائي هيئن بہ چوي ٿي تہ ”خدا جون ڳالهيون تنهنجي ويجھو آهن، بلڪ تنهنجي زبان تي ۽ تنهنجي دل ۾ آهن.“ خدا جون هي ڳالهيون ايمان آڻڻ جو اهو ئي پيغام آهي، جنهن جي اسين تبليغ ڪريون ٿا.


مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اهي ٽيئي اٽل آهن. پر انهن ٽنهي مان محبت افضل آهي.


جيڪڏهن اسين رڳو هن زندگيءَ لاءِ مسيح ۾ اميد ٿا رکون تہ پوءِ اسين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ قياس جي لائق آهيون.


منهنجو مطلب آهي تہ خدا مسيح جي وسيلي دنيا جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي گناهن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو پيغام هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.


سچو پيغام ٻڌائڻ سان ۽ خدا جي قدرت سان اسين پاڻ کي خدا جا خادم ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن.


جڏهن مون ڏٺو تہ اهي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راهہ تي نہ ٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهودي آهين تڏهن بہ غير يهودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يهودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يهودين کي زور ٿو ڀرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟“


انهن جي تابع رهڻ اسان هڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خوشخبريءَ جي سچائي اوهان ۾ قائم رهي.


پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا وينداسين. انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاهہ سان انتظار ڪري رهيا آهيون.


اوهين غير يهودي بہ مسيح جا ٿيا جڏهن اوهان سچائيءَ جو پيغام يعني خوشخبري ٻڌي مسيح تي ايمان آندو ۽ اها خوشخبري اوهان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اهڙيءَ طرح خدا پنهنجو واعدو پورو ڪندي اوهان کي بہ پاڪ روح عطا ڪيو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُهر آهي.


اوهان تہ مسيح بابت پيغام ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي تعليم هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو ايمان انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ٿيو آهيان.


انهن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ راز جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ عظمت ڀري آهي. اهو راز هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.


مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.


انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ خدا جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن خدا جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان ايمان وارن تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.


هاڻ اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي ۽ پنهنجي فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي ۽ پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ عيسيٰ مسيح گنهگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن ۾ سڀني کان وڏو گنهگار آءٌ آهيان.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


انهيءَ ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين دائمي زندگي ملي آهي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن ازل کان ئي انهيءَ زندگيءَ جو واعدو ڪيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ شريعت ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھي. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين خدا وٽ وڃي ٿا سگھون.


انهن جي بدران جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوهين بہ خدا جي فرمانن وارين نج ڳالهين جا طلبگار ٿيندا تہ انهن جي وسيلي مڪمل ڇوٽڪاري ڏانهن وڌندا ويندا.


پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻهو اوهان کان انهيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوهان کي مسيح ۾ آهي تہ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، پر نماڻائيءَ سان، خدا جو خوف رکڻ سان


انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون هميشہ ياد ڏياريندو رهندس، جيتوڻيڪ اوهين انهن کان واقف آهيو ۽ انهيءَ سچ تي مضبوطيءَ سان قائم آهيو، جيڪو اوهان کي مليل آهي.


جنهن کي بہ مسيح ۾ اهڙي اميد آهي، سو پاڻ کي اهڙو پاڪ ڪري جهڙو مسيح پاڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ