Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 9:15 - Muslim Sindhi Bible

15 مطلب تہ آءٌ انهن کي وري سندن ملڪ ۾ آباد ڪندس، ۽ جيڪو ملڪ مون کين ڏنو آهي، تنهن مان هو اڳتي ڪڏهن بہ ڪڍيا نہ ويندا.“ خداوند اسان جي خدا جو اهو ئي فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ خداوند تنهنجو خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي وري سندن ملڪ ۾ ڄمائيندس، ۽ جو ملڪ مون کين ڏنو آهي، تنهن مان اڳتي ڪڏهن بہ هو اُکيڙيا نہ ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 9:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، تو قديم زماني ۾ ڌارين قومن کي ڀڄائي سندن ملڪ ڪنعان ۾ کين آباد ڪيو. انهن قومن کي برباد ڪري تو پنهنجي قوم کي خوشحال بڻايو.


اسين انگورن جي ول جي هڪڙي ٻوٽي مثل هئاسين، جنهن کي تو مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ڪنعان مان ڌارين قومن کي ڀڄائي ڪڍي اتي ان کي لڳايو.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


بلڪ اوهين هن طرح قسم کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي اتر واري ملڪ مان ۽ انهن ملڪن مان ڪڍي آندو جيڏانهن اسان کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هئائين.‘ اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ اوهان کي وري پنهنجي وطن ۾ موٽائي آڻيندس جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.“


بلڪ اوهين هيئن قسم کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي اتر واري ملڪ مان ۽ انهن ملڪن مان ڪڍي آندو جيڏانهن اسان کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هئائين.‘ پوءِ اهي پنهنجي ئي ملڪ ۾ رهندا.“


آءٌ هنن تي چڱائيءَ جي نظر ڪندس ۽ موٽائي کين هن ملڪ ۾ آڻيندس. آءٌ هنن کي نہ ڊاهيندس، نڪي پاڙان پٽيندس بلڪ کين اڏائيندس ۽ آباد ڪندس.


انهن ڏينهن ۾ اوهين اسرائيل جا رهاڪو يهوداہ جي رهاڪن سان ملي ويندا ۽ گڏجي اُتر واري ملڪ جي جلاوطنيءَ مان نڪري انهيءَ ملڪ ۾ ايندا جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“


انهيءَ سبب جو قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو آهي تہ ’اڳتي هلي هن ملڪ ۾ گھرن، ٻنين ۽ انگورن جي باغن جي وري خريد وَ فروخت ڪئي ويندي.‘“


”جن ملڪن ڏانهن مون بني اسرائيل کي پنهنجي سخت غضب ۾ هڪالي ڪڍيو هوندو، تن سڀني مان آءٌ يقيناً آڻي کين گڏ ڪندس. آءٌ هنن کي هن هنڌ موٽائي وٺي ايندس ۽ کين سلامتيءَ سان آباد ڪندس.


هنن سان چڱائي ڪري آءٌ خوشي محسوس ڪندس ۽ يقيناً آءٌ هنن کي هن ملڪ ۾ پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان ڄمائي ڇڏيندس.“


آءٌ يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن کي وري خوشحال بڻائيندس ۽ انهن کي اڳي وانگر نئين سر آباد ڪندس.


پوءِ جھنگلي جانور وري منهنجي ڌڻ کي ماري نہ کائيندا. هائو، اڳتي اهي غير قومون ڪڏهن بہ منهنجي قوم کي پنهنجو شڪار نہ بڻائينديون، بلڪ هو امن وَ سلامتيءَ سان گذاريندا ۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.


پوءِ انهن ماڻهن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي هاڻي غير قومن جي ملڪن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي آءٌ اتان ڪڍي سندن وطن ۾ آڻي آباد ڪندس.


هو انهيءَ ملڪ ۾ آباد ٿيندا، جيڪو مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي عطا ڪيو هو ۽ جنهن ۾ سندن ابا ڏاڏا رهندا هئا. سو هو گھڻين ئي پيڙهين تائين انهيءَ ملڪ ۾ رهندا. منهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان بادشاهہ بہ هميشہ مٿن حڪمراني ڪندا رهندا.


تڏهن هر ڪو ماڻهو بي‌خوف ٿي پنهنجي پنهنجي انگورن ۽ انجيرن جي باغن ۾ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندو. اهو قادر‌مطلق خداوند جو پڪو واعدو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ