Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 9:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ڏسو، اُهي ڏينهن اچي رهيا آهن، جڏهن هَرُ ڪاهڻ وارو ٻج ڇٽي اڃا پورو ئي نہ ڪندو تہ فصل هڪدم لاباري لاءِ تيار ٿي ويندو. انگورن کي پيڙڻ وارو اڃا اهي پيڙيندو ئي هوندو تہ ٻيا جھجھا انگور راس ٿي پيڙجڻ لاءِ تيار هوندا. ايتري تہ برڪت اچي پوندي جو ڄڻ تہ جبلن تان مٺي مئي پئي ٽمي ۽ سڀني ٽڪرين تان اها وهندي نظر ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هر کيڙڻ وارو لڻڻ واري کي اچي پهچندو، ۽ ڊاک جي لتاڙڻ وارو ٻج پوکڻ واري کي؛ ۽ جبلن تان مٺو شراب ٽمندو، ۽ سڀ ٽڪريون پگهري وينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 9:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي اولاد جي انگورن جون عمديون وليون ايتريون تہ جھجھيون ٿينديون، جو اهي لاپرواهيءَ سان پنهنجا بکايل گڏهہ انهن ولين سان ٻڌي ڇڏيندا. بلڪ وٽن انگورن جي ڳاڙهي رس ايتري تہ جھجھي هوندي، جو اهي پنهنجو لباس انهيءَ سان ڌوئي ڇڏيندا.


خداوند جي آڏو پهاڙ بہ ميڻ جيان رجي وڃن ٿا، هائو، انهيءَ ڌڻيءَ جي آڏو جيڪو سڄي جهان جو مالڪ آهي.


سرسبز ٻنين مان خوشيون ختم ٿي ويون آهن، انگورن جي باغن مان خوشيءَ جي راڳن ڳائڻ جو آواز بند ٿي ويو آهي، ۽ انگورن جي چيچڙن مان رس نہ ٿي ڪڍي وڃي. هائو، انگورن جي فصل جي سموري خوشي ۽ شادماني ختم ٿي ويئي آهي.


پوءِ جتي هاڻي ڪنڊيون اڀريل آهن، اتي صنوبر جا وڻ ڦٽندا، ۽ ڪانڊيرن جي جاءِ تي مُر جا وڻ نڪري ايندا. اهي وڻ مون خداوند جي پاران هڪڙي اهڙي نشانيءَ طور قائم ٿيندا، جيڪا ڪڏهن بہ فنا نہ ٿيندي.“


انهيءَ ملڪ ۾ هو سلامتيءَ سان رهندا، گھر جوڙيندا ۽ انگورن جا باغ لڳائيندا. هائو، جڏهن آءٌ سندن آس‌پاس وارا سڀيئي ماڻهو جيڪي کانئن حقارت ڪندا هئا، تن کي سزا ڏيندس، تڏهن اهي امن وَ امان ۾ پيا گذاريندا. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان.“


تڏهن هر ڪو ڏسي چوندو تہ ’واہ! جيڪا زمين ويران هئي، سا هاڻي ڪيئن نہ عدن جي باغ جهڙي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪي شهر اجڙيل، ويران ۽ ناس ٿيل هئا، سي هاڻي ڪيئن نہ ڪوٽن وارا ۽ آباد شهر ٿي ويا آهن.‘


ايتري قدر جو اوهان جا ڳاهڻ وارا پِڙ اناج سان ڀرجي ويندا، ۽ حوض مئي ۽ زيتون جي تيل سان ٽمٽار ٿي اُٿلي پوندا.


انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.


اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهان جي اَن ڳاهڻ جو ڪم انگورن چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو ۽ انگورن چونڊڻ جو ڪم اناج پوکڻ تائين پيو هلندو. اوهين ڍءُ ڪري ماني کائيندا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي پيا گذاريندا.


خداوند ئي قادرِمطلق خدا آهي، جنهن جي ڇُهڻ سان ڌرتي پگھرجي پاڻي ٿي وڃي ٿي، ۽ سڀني ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي وڃي ٿو. ڌرتي نيل نديءَ وانگر اُٿل کائي مٿي چڙهي ٿي، ۽ پوءِ وري هيٺ لهي اچي ٿي.


ڇا اوهان ۾ چوڻي نہ آهي تہ ’فصل اڃا ناهي تيار، لاباري ۾ لڳندا مهينا چار‘؟ پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اکيون کوليو ۽ پوکن ڏانهن نهاريو جو اهي لاباري لاءِ هاڻي بلڪل تيار آهن.


اي خداوند! تون جيڪو سينا جبل تي لٿو هئين، تنهن جي آڏو پهاڙ بہ ڌڏڻ لڳا هئا، هائو، تو خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان اهي ڏڪڻ لڳا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ