Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 9:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ لاءِ تہ اڳ جيان بني اسرائيل ادوم جي باقي بچي ويلن کي بلڪ انهن قومن کي جيڪي منهنجي نالي سان سڏيا ويندا هئا، تن سڀني کي وري پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ آڻين. آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪري ڏيکاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 انهي لاءِ تہ جي منهنجي نالي تي سڏجن ٿا سي ادوم جي باقي بچيل حصي جا ۽ سڀني قومن جا هو مالڪ ٿين؛ خداوند، جيڪو اهو سڀ ڪري ٿو، سو ائين ٿو فرمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 9:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل قومون تنهنجيون خدمتگار ٿين ۽ قبيلا تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائين. شل پنهنجي سڀني ڀائرن جو حاڪم ٿئين ۽ شل تنهنجي ماءُ جو اولاد تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي. شل انهيءَ تي پِٽَ پوي جيڪو تو تي پِٽَ وجھي ۽ شل اهو ڀلارو ٿئي جيڪو تو لاءِ ڀلائي گھري.“


اسحاق عيسوءَ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”ڏس، مون هن کي تنهنجو مالڪ مقرر ڪيو آهي ۽ سندس سمورا ڀائر کيس نوڪر ڪري ڏنا اٿم. هن کي اناج ۽ مئي بہ ڏني اٿم. هاڻي پٽ، آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھان؟“


موآب جو ملڪ منهنجي هٿن ڌوئڻ جو ٿانءُ آهي، ادوم ملڪ تي آءٌ پنهنجي جُتي رکندس، ۽ فلستين جي ملڪ تي آءٌ فتح جو نعرو هڻندس.“


انهيءَ جي بجاءِ هو پاڻ ۾ متحد ٿي رهندا، ۽ گڏجي اولهہ طرف فلستين جي مٿان وڃي ڪڙڪندا. جڏهن تہ اهي اوڀر طرف ادومين، موآبين ۽ بني عمون کي وڃي شڪست ڏيندا. هو انهن سڀني تي حڪمراني ڪندا، ۽ جيڪو چاهيندا سو کانئن کسي وٺندا.


اهي سڀ منهنجي نالي سان ٿا سڏجن. مون ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اهي منهنجي تعظيم ڪن.“


تون اسان سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، ڄڻڪ تون ڪڏهن بہ اسان جو حاڪم نہ رهيو آهين، ۽ ڄڻڪ اسين ڪڏهن بہ تنهنجي قوم نہ رهيا آهيون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘


ڇو تون حيرت ۾ ورتل ماڻهوءَ وانگر ٿيو آهين؟ يا وري هڪ اهڙي بهادر وانگر جيڪو طاقت رکڻ جي باوجود بہ ڪنهن کي بچائي نہ ٿو سگھي؟ اي خداوند! تون تہ اسان منجھہ ٿو رهين، ۽ اسين تنهنجا ئي ٿا سڏجون، سو اسان کي ڇڏي نہ ڏي.‘


تو جيڪي چيو سو مون ڌيان سان ٻڌو. تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ خوشي ۽ سرهائيءَ جو باعث هيون، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند، قادرِمطلق خدا! آءٌ تنهنجو ئي آهيان.


آءٌ اوهان جا پٽ توڙي ڌيئرون بني يهوداہ وارن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي کين هڪڙي ڏورانهين قوم يعني شبا ملڪ وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هاڻي جڏهن عيسوءَ جو اولاد ادومي چوي تہ ”اسين برباد تہ ٿي ويا آهيون، پر انهن کنڊرات کي وري اچي اڏينداسين،“ تڏهن قادرِ‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ اهي ڊاهي ڇڏيندس. ماڻهو انهن جي ملڪ کي بڇڙائيءَ جو ملڪ ۽ کين اهڙي قوم سڏيندا جنهن تي هميشہ مون خداوند جو قهر هجي.“


انهيءَ لاءِ تہ باقي بني آدم يعني سموريون قومون جيڪي منهنجيون ٿيون سڏجن، سي مون خداوند جون طلبگار ٿين.


هي آءٌ خداوند چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ