Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 8:14 - Muslim Sindhi Bible

14 ان کان علاوہ اُهي جيڪي سامريہ جي ڪراهت جهڙن بتن جو قسم کڻي چون ٿا تہ ’اي دان شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘ يا وري ’اي بيرسبع شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘ سي سڀيئي ڪري پوندا ۽ وري ڪڏهن نہ اٿندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 جيڪي سامريہ جي گناهہ جو قسم کڻن ٿا، ۽ چون ٿا تہ اي دان، تنهنجي جيئري خدا جو قسم آهي، ۽ بيرسبع جي واٽ جو قسم آهي؛ سي سڀ ڪِرندا ۽ وري ڪڏهن نہ اُٿندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 8:14
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يربعام پنهنجي مرضيءَ موجب اٺين مهيني جي پندرهين تاريخ هڪڙي عيد مقرر ڪئي، جهڙي عيد يهوداہ ۾ ٿيندي هئي. پوءِ هو ساڳئي ڏينهن تي بيت‌ايل ڏانهن ويو جتي سوني گابي اڳيان قربان‌گاهہ تي قربانيون پيش ڪيائين ۽ اتي بہ هن جيڪي مختلف هنڌن تي پوڄا گھر ٺهرايا هئا تن ۾ پڻ مذهبي اڳواڻ مقرر ڪيا.


جيڪي گناهہ يربعام پاڻ ڪيا آهن ۽ اسرائيل وارن کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل وارن کي ضرور سزا ڏيندو.“


پوءِ هن سمر نالي هڪ شخص کان ستر ڪلوگرام چانديءَ جي عيوض سامريہ جي ٽَڪري خريد ڪئي. هن انهيءَ ٽڪريءَ تي هڪ شهر اڏايو ۽ اتان ئي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن ٽڪريءَ جي اڳئين مالڪ سمر جي نالي پٺيان ان شهر جو نالو سامريہ رکيو.


انهيءَ هوندي بہ ييهوءَ يربعام ولد نباط جي انهيءَ گناهہ کان منهن نہ موڙيو جيڪو يربعام اسرائيل وارن کان ڪرايو هو، يعني بيت‌ايل ۽ دان ۾ سونن گابن جي پوڄا.


پر هنن خدا جي پيغمبرن ۽ نبين تي کل ٺٺوليون ڪيون ۽ سندس فرمان کي ڌڪاريائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ايتري تہ ڀڙڪي اُٿي، جو هو سندس سزا کان بچي نہ سگھيا.


شال انهن تي ڀڙڪندڙ ٽانڊا وسايا وڃن! شال کين اهڙي اونهيءَ کڏ ۾ ڪيرايو وڃي جتان وري نہ نڪرن!


بيشڪ، اسين بدڪارن کي هيٺ ڪيرايل ڏسنداسين، اهي ڌڪي ڪيرايا ويندا ۽ وري اُٿي ڪين سگھندا.


توڙي جو ايماندار ماڻهو بار بار ڪِري پوي، تہ بہ هو وري اُٿي کڙو ٿيندو. مگر جڏهن بدڪار ماڻهن تي آفت اچيو ڪڙڪي، تڏهن اهي منهن ڀر وڃيو ڪرن.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


ان وقت ڌرتي نشئي ماڻهوءَ وانگر ٿڙندي ٿاٻڙندي، اها طوفان ۾ لڏندڙ جھوپڙيءَ وانگر هيڏي هوڏي لڏندي. سندس گناهن جو مٿس ايترو تہ ڳرو بار هوندو، جو اها اهڙي ڪرندي جو وري اُٿي نہ سگھندي.


آءٌ ئي جنگي گھوڙي گاڏين، ۽ گھوڙن وارن طاقتور لشڪرن کان ڪاهہ ٿو ڪرايان، ۽ آءٌ ئي انهن کي اهڙو تباهہ وَ برباد ٿو ڪريان، جو اهي مري وڃي اهڙا ٿا سمهن جو وري ڪڏهن بہ نہ اٿندا. اهي ائين گم ٿيو وڃن، جيئن ڪو ڏيئو اجھامي وڃي.“


اهو پيالو پيئارڻ وقت مون هر هڪ کي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان بہ ٻڌايو تہ ”منهنجي غضب جو پيالو پيئو، مست ٿيو ۽ الٽي ڪري ڪڍو ۽ مدهوش ٿي اهڙا ڪِرو، جو جيڪا جنگ آءٌ اوهان منجھہ موڪليان ٿو تنهن سببان وري ڪڏهن بہ نہ اُٿو.“


پوءِ هي لفظ چئجانءِ تہ ’بابل بہ ائين ئي ٻڏي ويندو ۽ وري نہ نڪرندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ تي مصيبت آڻڻ وارو آهي.‘“ يرمياہ نبيءَ جو گفتگو هتي پورو ٿيو.


اسرائيل جي گاديءَ واري شهر سامريہ جا سمورا رهاڪو ڏڪي ويندا، بيت‌ايل جي سوني گابي جي وڃائجڻ ڪري هو ماتم پيا ڪندا، انهن پوڄارين جا اڳواڻ گابي جي اڳئين شان وَ شوڪت تي روئندا رڙندا.


اسرائيل جي سامريہ شهر وارن کان بدلو ورتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي خدا کان باغي ٿي ويا آهن، اهي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن ٻارن کي اڇلائي ماريو ويندو، ۽ سندن حمل وارين عورتن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.“


پر اڃا تائين هو گناهن مٿان گناهہ ڪندا آيا، ۽ پوڄا لاءِ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون ۽ پلٽيل بت ٺاهيائون. هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي هٿن سان بت جوڙيندا رهيا، پوءِ هو انهن بتن بابت چوڻ لڳا تہ ”سندن آڏو قربانيون پيش ڪيون وڃن.“ ڇا اها چڱي ڳالهہ آهي، جو انسان گابن جي ٺهيل بتن کي معبود بڻائي چمي ڏئي؟


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


اي اسرائيل وارؤ! مون عاموس جو هي مرثيو اوهان لاءِ آهي، سو ٻڌو.


اي اسرائيل جي وسندي! تون هڪ اهڙيءَ ڪنواريءَ مثل آهين، جيڪا ڪري پيئي آهي ۽ وري ڪڏهن ڪين اٿندي. هائو، تون ڌرتيءَ تي لاچار ٿي پيئي آهين، ۽ ڪوبہ ڪونهي جيڪو تو کي اچي اٿاري.


بيت‌ايل، جِلجال ۽ بيرسبع ڏانهن نہ وڃو. هائو، اوهين هرگز انهن جي عبادت‌گاهن جا پيروڪار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ يقيناً انهن جا سڀيئي رهاڪو جلاوطن ڪيا ويندا، ۽ انهن شهرن کي نابود ڪيو ويندو.“


اهو سڀ ڪجھہ يعقوب جي اولاد، يعني بني اسرائيل جي گناهن جي ڪري ٿيندو. ڇا سامريہ شهر ۾ اسرائيل وارن کي بت‌پرستيءَ جي راهہ تي نہ آندو ويو آهي؟ ڇا يروشلم شهر ۾ غير معبودن جون قربان‌گاهون ٺاهي يهوداہ وارن کي گنهگار نہ بڻايو ويو آهي؟


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي گھرن جي ڇتين تي آسماني ستارن ۽ سيارن کي سجدا ٿا ڪن، ۽ انهن کي بہ جيڪي مون خداوند کي سجدو تہ ڪن ٿا، ۽ منهنجي تابعداريءَ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هو مولڪ ديوتا جو بہ قسم کڻن ٿا.


جيئن تہ هن خداوند عيسيٰ واري رستي تي هلڻ جي تعليم حاصل ڪئي هئي، سو هو دلي جذبي سان عيسيٰ جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ۽ عيسيٰ بابت صحيح تعليم ڏيندو هو، جيتوڻيڪ کيس رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ هئي.


انهن ڏينهن ۾ اِفسس ۾ خداوند عيسيٰ وارو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل هئي.


پر جڏهن ڪن ماڻهن ضد ڪندي ايمان نہ آندو، بلڪ کُليو کُلايو خداوند عيسيٰ جي انهيءَ رستي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن پولس کين ڇڏي ڏنو ۽ ايمان وارن کي هنن کان الڳ ڪري ڇڏيو. هاڻ هو تُرنس جي وڏي هال ۾ وڃي روزانو بحث مباحثو ڪندو هو.


آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو.


۽ عرض ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي عبادت‌خانن لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي عيسيٰ واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي عورت ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“


اي خداوند! تون هنن جي سگھہ ۽ قوت ۾ برڪت وجھہ، ۽ هنن جي هٿن جي پورهئي کي تون قبول فرماءِ. جيڪي هنن جي خلاف کڙا ٿين تن جي تون چيلهہ ڀڃي ڇڏ، تان‌تہ ساڻن دشمني رکندڙ وري اُٿي نہ سگھن.“


تڏهن مون اها گناهہ واري شيءِ يعني گابو، جيڪو اوهان بڻايو هو تنهن کي ساڙي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ کي ڪُٽي پيهي، ڌوڙ جهڙو سنهو ڪيم ۽ ان جي اها رک انهيءَ نهر ۾ اڇلائي ڇڏيم جيڪا جبل مان ٿي نڪتي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ