پروردگار انهن جي جوانن مان ڪنهن کي بہ نہ بخشيندو، نڪي هو سندن يتيمن ۽ رننزالن تي رحم ڪندو، ڇاڪاڻ تہ سڀ جو سڀ خدا کي رد ڪندڙ ۽ بدڪار آهن. هر ڪنهن جي واتان بڇڙائيءَ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. انهن سڀني سزائن جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.
اي موآب جي شهر ديبون جا رهاڪؤ! اوهين پنهنجو مان مرتبو ڇڏي، ڌرتيءَ جي خاڪ تي اچي ويهو. انهيءَ سبب جو موآب ۾ تباهي مچائيندڙ لشڪر اوهان تي بہ اچي ڪڙڪندو، ۽ اوهان جا مضبوط ڪوٽ قلعا ڪيرائي ناس ڪري ڇڏيندو.