Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 8:11 - Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ڏس، اهو وقت اچي رهيو آهي، جڏهن آءٌ هن ملڪ ۾ اهڙو ڏڪار آڻيندس، جيڪو مانيءَ يا پاڻيءَ جو نہ، پر مون خداوند جي فرمان ٻڌڻ جو ڏڪار هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس اُهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ هن ملڪ ۾ ڏڪار موڪليندس، نہ مانيءَ جو ڏڪار، ۽ نہ پاڻيءَ جي اُڃ، پر خداوند جي ڪلام ٻڌڻ جو ڏڪار آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 8:11
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ بني اسرائيل گھڻي عرصي تائين حقيقي خدا، تعليم ڏيندڙ ڪاهنن ۽ شريعت کان سواءِ پئي رهيا،


اسين تنهنجي ڪابہ نشاني ڪين ٿا ڏسون، نڪي اسان وٽ ڪو نبي بچيو آهي. اسان جو هي حال ڪيستائين رهندو؟ اهو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.


خدا جي رهنمائيءَ کان سواءِ ماڻهو بي‌لغام ٿيو وڃن، مگر سڀاڳا آهن اهي جيڪي شريعت تي عمل ٿا ڪن.


آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“


اوهان تي مصيبت مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ ظالمن جي حملن بابت افواهن مٿان افواهہ پيا اٿندا. تڏهن ماڻهو منهنجي پيغام لاءِ نبين کي عرض ڪندا، پر کين ڪا تسلي نہ ملندي. بلڪ ڪاهن منهنجي شريعت جي تعليم بہ ڏيئي نہ سگھندا، نڪي بزرگ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق رهندا.


ائين نہ ٿئي جو سندس ڄمڻ جي وقت وانگر آءٌ کيس بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيان، يا ائين نہ ٿئي جو آءٌ کيس بيابان جهڙو ويران ڪري ڇڏيان. هائو، آءٌ کيس ٺوٺ زمين جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ پياسو ڪري ماريانس.


سو هاڻي اڳتي اوهين اهڙيون رويائون نہ ڏسي سگھندا، ۽ نہ وري ڪا اڳڪٿي ڪري سگھندا. هائو، جنهن کي اوهين روحاني روشني چئو ٿا سا اوهان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندي ۽ ڏينهن ۾ بہ اوهان کي رات واري اونداهي نظر ايندي.


ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي عيسيٰ جي دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن.


تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي جو مون کي مٿي سڏايو اٿيئي؟“ سائول ورندي ڏنس تہ ”آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ آهيان، ڇاڪاڻ تہ فلستي مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ۽ خدا بہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي. هو مون کي ڪابہ ورندي نہ ٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي ۽ نہ وري خوابن جي رستي. تنهنڪري مون تو کي سڏايو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ هاڻي ڇا ڪريان؟“


سو هن خداوند کان پڇيو، پر خداوند کيس ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي ۽ نہ ئي نبين جي وسيلي.


جن ڏينهن ۾ اهو ڇوڪرو سموئيل عيليءَ جي هدايت هيٺ خداوند جي خدمت ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ خداوند جو فرمان اڻ‌لڀ هو ۽ رويا اڪثر ڪري ڏسڻ ۾ نہ ايندي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ