Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 8:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ساڳيءَ طرح خداوند خدا مون کي هڪڙي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ڏٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 8:1
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي سندس عملدارن، ڪاريگرن ۽ هنرمندن سميت يروشلم مان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ خداوند مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏٺيون.


خداوند خدا مون عاموس کي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون ڏٺو تہ انهيءَ وقت جڏهن فصل مان بادشاهہ جو حصو لڻجي چڪو هو ۽ انهيءَ لڻيل فصل مان ٻيو لوب ڦٽي نڪتو هو، تڏهن خداوند انهن لڻيل فصل جي گونچن مٿان ماڪڙ جا ڪٽڪ موڪليا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ’اي امصياہ! تنهنجي زال شهر ۾ ڪڃري بڻبي، جنگي حملي‌آورن هٿان تنهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ماريا ويندا، تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي، ۽ تون پاڻ ڪنهن ناپاڪ ملڪ ۾ وڃي مرندين. جڏهن تہ اسرائيل وارا ضرور پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڪري ڪڍيا ويندا.‘“


پوءِ خداوند خدا مون کي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون ڏٺو تہ خداوند خدا پنهنجيءَ قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ باهہ کي موڪليو. جڏهن انهيءَ باهہ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو ۽ زمين کي بہ کائڻ لڳي


خداوند وري مون کي ٽين رويا ڏيکاري، جنهن ۾ ڏٺم تہ پروردگار شاهل سان ٺاهيل هڪڙيءَ ڀت وٽ بيٺو آهي ۽ سندس هٿ ۾ شاهل آهي.


خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ