Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 7:8 - Muslim Sindhi Bible

8 خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”شاهل.“ تڏهن پروردگار فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ اسرائيل ملڪ واري پنهنجي قوم مٿان شاهل لڙڪايان ٿو. پوءِ منجھن ڏنگائي ڏسي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ خداوند مون کي چيو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ هڪڙو شاهل. تڏهن خداوند چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ شاهل رکندس؛ آءٌ اڳتي وري هنن وٽان نہ لنگهندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 7:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ يروشلم کي سامريہ جهڙي سزا ڏيندس. هائو، اهڙي سزا ڏيندوسانس جهڙي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ۽ سندس اولاد کي ڏني هئم. آءٌ يروشلم کي ائين اُگھي ڇڏيندس جيئن ڪو ماڻهو ٿالهي اُگھي اونڌي ڪري رکي ڇڏيندو آهي.


عدالت ۽ سچائي اهڙيءَ ڏور ۽ شاهل مثل هونديون، جن کي آءٌ انهيءَ اڏاوت ۾ ڪم آڻيندس.“ سو ڳڙا اوهان جي ڪوڙ واري پناهہ‌گاهہ کي ٻهاري ويندا، ۽ اوهان جي لڪڻ واري جاءِ کي ٻوڏ لوڙهي ويندي.


اهو ملڪ رڳو بازن ۽ ڄاهن جي حوالي ٿي ويندو، جتي رڳو چٻرن ۽ ڪانوَن جا آکيرا هوندا. خدا انهيءَ ملڪ کي بلڪل کنڊر بڻائي ڇڏيندو. هائو، اتي رڳو پٿرن جا ڍير نظر ايندا.


اوهان مون کي رد ڪيو آهي. اوهان مون کي پٺي ڏني آهي. سو آءٌ اوهان ۾ پنهنجا هٿ وجھي اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ترس کائي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.


خداوند پياري صيئون جي ڪوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. هن انهن ڪوٽن جي مڪمل تباهيءَ لاءِ اهڙي رٿ رٿي، جو انهيءَ مطابق سڀيئي ٺُلهہ توڙي ڀتيون ڪري چٽ ٿي ويون.


جُمر وري پيٽ سان ٿي ۽ کيس هڪ ڌيءَ ڄائي. تڏهن خداوند هوسيع کي فرمايو تہ ”انهيءَ جو نالو لورحامہ رک، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن تي اڳتي وري رحم نہ ڪندس، نڪي کين ڪنهن طرح معافي ڏيندس.


خداوند وري مون کي ٽين رويا ڏيکاري، جنهن ۾ ڏٺم تہ پروردگار شاهل سان ٺاهيل هڪڙيءَ ڀت وٽ بيٺو آهي ۽ سندس هٿ ۾ شاهل آهي.


خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“


اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.


هاڻي تہ ماڻهو هيڪل جي تعمير جي گھٽ رفتار ڏسي مايوس ٿا ٿين، پر جڏهن اهي زربابل جي تعمير جي جذبي کي ڏسندا تڏهن بيحد خوش ٿيندا. تڏهن ملائڪ شمعدان واري رويا جي ڳالهہ جاري رکندي چيو تہ ”شمعدان جا اهي ست ڏيئا خداوند جي ستن اکين مثل آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڏسن پيون.“


هن مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڏسان ٿو تہ هڪڙو سونو شمعدان آهي، جنهن جي مٿان هڪڙو تيل جو پيالو رکيل آهي. شمعدان تي ست ڏيئا پڻ رکيل آهن ۽ هر هڪ ڏيئي ۾ وٽن لاءِ ست ست ڏندا ٺهيل آهن.


رويا سمجھائڻ واري ملائڪ مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو اڏامندي ڏسان ٿو، جنهن جي ڊيگھہ نَوَ ميٽر ۽ ويڪر ساڍا چار ميٽر آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ