Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 7:7 - Muslim Sindhi Bible

7 خداوند وري مون کي ٽين رويا ڏيکاري، جنهن ۾ ڏٺم تہ پروردگار شاهل سان ٺاهيل هڪڙيءَ ڀت وٽ بيٺو آهي ۽ سندس هٿ ۾ شاهل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هن مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي ڀت تي بيٺو آهي، جا شاهل سان جڙيل هئي، ۽ سندس هٿ ۾ شاهل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 7:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ڏٺائين تہ خداوند سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


هن موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ انهن کي زمين تي قطار ۾ سمهاري رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين. هر ٻن رسين جي ماپ وارا ماڻهو هن مارائي ڇڏيا ۽ ٽين رسيءَ جي ماپ وارا جيئرا ڇڏي ڏنائين. اهڙيءَ طرح موآبي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.


آءٌ يروشلم کي سامريہ جهڙي سزا ڏيندس. هائو، اهڙي سزا ڏيندوسانس جهڙي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ۽ سندس اولاد کي ڏني هئم. آءٌ يروشلم کي ائين اُگھي ڇڏيندس جيئن ڪو ماڻهو ٿالهي اُگھي اونڌي ڪري رکي ڇڏيندو آهي.


عدالت ۽ سچائي اهڙيءَ ڏور ۽ شاهل مثل هونديون، جن کي آءٌ انهيءَ اڏاوت ۾ ڪم آڻيندس.“ سو ڳڙا اوهان جي ڪوڙ واري پناهہ‌گاهہ کي ٻهاري ويندا، ۽ اوهان جي لڪڻ واري جاءِ کي ٻوڏ لوڙهي ويندي.


اهو ملڪ رڳو بازن ۽ ڄاهن جي حوالي ٿي ويندو، جتي رڳو چٻرن ۽ ڪانوَن جا آکيرا هوندا. خدا انهيءَ ملڪ کي بلڪل کنڊر بڻائي ڇڏيندو. هائو، اتي رڳو پٿرن جا ڍير نظر ايندا.


خداوند پياري صيئون جي ڪوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. هن انهن ڪوٽن جي مڪمل تباهيءَ لاءِ اهڙي رٿ رٿي، جو انهيءَ مطابق سڀيئي ٺُلهہ توڙي ڀتيون ڪري چٽ ٿي ويون.


هو مون کي اڃا ويجھو وٺي ويو تہ ڇا ڏسان تہ اتي هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جو چهرو پتل جيان پئي چمڪيو. مون ڏٺو تہ انهيءَ جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري ۽ ڪانو هو ۽ هو انهن عمارتن جي ٻاهرين لنگھہ وٽ بيٺو هو.


تڏهن وري خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ ”ڀلا، ائين بہ نہ ٿيندو.“


خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”شاهل.“ تڏهن پروردگار فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ اسرائيل ملڪ واري پنهنجي قوم مٿان شاهل لڙڪايان ٿو. پوءِ منجھن ڏنگائي ڏسي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.


هاڻي تہ ماڻهو هيڪل جي تعمير جي گھٽ رفتار ڏسي مايوس ٿا ٿين، پر جڏهن اهي زربابل جي تعمير جي جذبي کي ڏسندا تڏهن بيحد خوش ٿيندا. تڏهن ملائڪ شمعدان واري رويا جي ڳالهہ جاري رکندي چيو تہ ”شمعدان جا اهي ست ڏيئا خداوند جي ستن اکين مثل آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڏسن پيون.“


پوءِ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي هيڪل ۽ ان جي قربان‌گاهہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ.


جنهن ملائڪ مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي، جنهن سان هو شهر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڪوٽ کي ماپي سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ