Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 6:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهين سارنگيءَ جي سُر تي اجايو سجايو ڳايو ٿا، ۽ دائود وانگر ڳائڻ وڄائڻ جي سازن تي پنهنجي لاءِ گيت ٺاهيو ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جي سارنگيءَ جي سُر تي اجايا راڳ ڳايو ٿا، جي دائود وانگر پنهنجي لاءِ ڳائڻ وڄائڻ جا ساز رٿي بنايو ٿا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 6:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇو تون لڪي ڀڳين، مون سان ٺڳي ڪيئِہ ۽ مون کي نہ ٻڌايُئِہ؟ آءٌ جيڪر تو کي کل خوشيءَ سان، راڳن روپن ۽ دهلن دمامن سان روانو ڪريان ها.


دائود لاوين جي اڳواڻن کي چيو تہ هو پنهنجن لاوي ڀائرن مان ڪي ڳائڻا مقرر ڪن، تہ جيئن اهي دنبورن، سارنگين ۽ ٽلين جا ساز وڄائي وڏي آواز سان خوشيءَ جا گيت ڳائين.


بادشاهہ چئن هزارن کي دربان مقرر ڪيو ۽ چئن هزارن کي مقرر ڪيائين تہ اهي خداوند جي واکاڻ انهن سازن سان ڪن جيڪي کين پاڻ موجود ڪري ڏنا هئائين.


سو لاوي دائود جي مقرر ٿيل سازن سان ۽ ڪاهن پنهنجين شرناين سان تيار ٿي بيٺا.


مون گھڻو ئي سون ۽ چاندي گڏ ڪيو ۽ ڌارين بادشاهتن تي قبضو ڪري انهن ملڪن مان قيمتي خزانا هٿ ڪيا. مون پنهنجي لاءِ عورتون ۽ مرد ڳائڻا مقرر ڪيا ۽ پنهنجي عيش عشرت لاءِ گھڻيون ئي سريتون رکيم.


اوهين پنهنجي محفلن ۾ خوشيون ملهائيندي دنبورا، سارنگيون، دڦ ۽ بانسريون ٿا وڄايو، ۽ مئي جا جام پيئندا ٿا رهو. پر اوهين انهن ڪمن تي ڪو ڌيان نہ ٿا ڏيو، جيڪي خداوند ڪري ٿو.


آءٌ تو ۾ ڳائڻ جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي تار وارن سازن جو آواز اڳتي وري ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


پنهنجي راڳن جو هُل مون کان پري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي سارنگين جو سُر نہ ٻڌندس.


”ان ڏينهن محلاتن ۾ ڳائڻ واريون عورتون روئنديون رڙنديون، هر هنڌ لاشن جا ڍير لڳي ويندا جيڪي ٻاهر اڇلايا ويندا. پوءِ هر هنڌ بلڪل خاموشي ڇانئجي ويندي.“


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير ايمان وارن جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بت‌پرستيءَ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


اي وڏا شهر بابل! ستارَ، بانسري، توتاري توڙي ڳائڻ جو آواز وري تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ