Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 6:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تنهنڪري خداوند قادرِمطلق خدا ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! ڏسو، آءٌ اوهان جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي قوم چاڙهي آڻيندس، جيڪا اتر ۾ حمات جي لنگھہ کان وٺي ڏکڻ ۾ بيابان واري برساتي نهر تائين اوهان کي آزاريندي رهندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 تنهنڪري خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، ڏس آءٌ اوهان جي برخلاف هڪڙي قوم اُٿاريندس ۽ اُهي اوهان کي حمات کان شروع ڪري عربہ جي نديءَ تائين تڪليف ڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 6:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت اتي خداوند بني اسرائيل جي خدا آڏو سليمان ۽ ساڻس گڏ سڄي بني اسرائيل جي هڪ تمام وڏي ميڙ تنبن واري عيد بہ ملهائي. اتر طرف حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ طرف مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان آيل انهن ماڻهن اها عيد ست ڏينهن هڪڙا ۽ ست ڏينهن ٻيا، ڪُل چوڏهن ڏينهن ملهائي.


هن اسرائيل جا اڳيان علائقا وري فتح ڪيا، جيڪي اتر ۾ حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ ۾ کاري سمنڊ تائين هئا. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا پنهنجي ٻانهي جات‌حفر شهر واري نبي يونس ولد اَمتيءَ جي معرفت فرمايو هو.


فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيت‌معڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.


هوسيع جي بادشاهيءَ جي نائين سال اندر، اشور جي شهنشاهہ سامريہ تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾ تہ ڪن کي جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو ۽ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.


انهيءَ ڏينهن پروردگار فرات نديءَ جي اوڀر طرف کان يعني اشور ملڪ جي شهنشاهہ کي هڪ حجم جي صورت ۾ آڻي حاضر ڪندو، جيڪو اوهان کي پڪڙي اوهان جي مٿي ۽ ٽنگن جا وار ڪوڙيندو، بلڪ ڏاڙهي بہ چٽ ڪري ڇڏيندو.


اولهہ طرف واري سرحد ڀونوچ سمنڊ جو ڪنارو هوندي، جيڪا اتر طرف حمات لڪ جي اولهہ پاسي تائين هوندي.


اسرائيل جي گاديءَ واري شهر سامريہ جا سمورا رهاڪو ڏڪي ويندا، بيت‌ايل جي سوني گابي جي وڃائجڻ ڪري هو ماتم پيا ڪندا، انهن پوڄارين جا اڳواڻ گابي جي اڳئين شان وَ شوڪت تي روئندا رڙندا.


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ انهيءَ ملڪ کي هڪڙو دشمن گھيري هيٺ آڻيندو، ۽ شهرن جا ڪوٽ ڪيرائي وجھندو ۽ محلات لٽيا ويندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ