Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 6:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن مئل ماڻهوءَ جا ڪي مائٽ سندس لاش گھر مان کڻڻ لاءِ ايندا، تڏهن جيڪو گھر جي اندرين حصي ۾ مرڻ کان بچي ويل هوندو، تنهن کان پڇندا تہ ”ڪو ٻيو بہ تو سان گڏ آهي ڇا؟“ جڏهن ورندي ملندن تہ ”نہ،“ تڏهن کيس چوندا تہ ”خاموش رهجانءِ. خداوند جو نالو بہ نہ وٺجانءِ متان مصيبت وري موٽي اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مائٽ، جو هن کي ساڙڻ لاءِ کڻي ٿو، تہ گهر مان هن جا هڏا ٻاهر ڪڍي، ۽ انهي کان پڇي ٿو جو گهر جي اندرين حصي ۾ آهي تہ ڪو ٻيو بہ اڃا تو وٽ آهي ڇا، تہ هو چوندا تہ نہ؛ تڏهن هو چوندو تہ ماٺ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند جو نالو ئي نٿا وٺي سگهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 6:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوسياہ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺو تہ هن کي اتي قبرون ڏسڻ ۾ آيون جيڪي انهيءَ ٽڪر تي هيون. هن ماڻهو موڪلي انهن قبرن مان هڏا ڪڍائي ورتا ۽ انهن کي قربان‌گاهہ تي ساڙائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ قربان‌گاهہ جي بي‌حرمتي ڪئي. سو خدا جو جيڪو فرمان خدا جي بندي اڳڪٿي ڪندي ٻڌايو هو، سو پورو ٿيو.


اڃا هن انهن سان ڳالهايو ئي پئي تہ اهو قاصد وٽس آيو ۽ اچي کيس چيو تہ ”بادشاهہ چوي ٿو تہ ’هيءَ آفت تہ خداوند ئي موڪلي آهي. پوءِ آءٌ ڇو وڌيڪ خداوند جي مدد جو انتظار ڪريان؟‘“


تنهنڪري هن ملڪ جا غريب توڙي امير مري ويندا. انهن کي نہ دفن ڪيو ويندو ۽ نہ مٿن رنو پٽيو ويندو. ڪوبہ سندن سوڳ ۾ پاڻ کي نہ زخمي ڪندو، نہ وري مٿو ڪوڙائيندو.


پر اي مصر ۾ رهندڙ سڀ يهوداہ وارؤ! مون خداوند جو هي فرمان ٻڌي ڇڏيو. آءٌ پنهنجي عظيم نالي جو قسم کڻي چوان ٿو تہ مصر جي سڄي ملڪ ۾ اوهان جو ڪوبہ ماڻهو پنهنجي واتان اڳتي وري منهنجو نالو وٺي هيئن نہ چوندو تہ ”خداوند جيئري خدا جو قسم آهي.“


ڇاڪاڻ تہ موت اسان جي درين منجھان ٽپي اسان جي قلعن اندر گھڙي آيو آهي، ان ننڍڙن ٻارن کي گھٽين ۾ ۽ نوجوانن کي چونڪن تي وڍي اڇلائي ڇڏيو آهي.


سو هاڻ اي بني اسرائيل! جيڪڏهن منهنجي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو تہ پوءِ ڀلي وڃو ۽ وڃي پنهنجن بتن جي پوڄا ڪندي سندن آڏو نذرانا پيش ڪريو جنهن ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿي ٿئي. پر آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهان کي انهيءَ ڪم کان آءٌ جلد باز آڻيندس.


آءٌ اوهان جلاوطن بني اسرائيل وارن کي خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌايان تہ ’ياد رکو، منهنجي مقدس هيڪل جنهن کي اوهين پنهنجي سلامتيءَ جو سهارو ٿا سمجھو ۽ جيڪا اوهان جي دل جي پياري آهي ۽ جنهن تي اوهين فخر ٿا ڪريو، تنهن کي آءٌ پليت ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس، جيڪي اوهان پٺيان يروشلم ۾ ڇڏي آيا آهيو.


تنهنڪري جيڪو سياڻو آهي سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب وقت آهي.


”ان ڏينهن محلاتن ۾ ڳائڻ واريون عورتون روئنديون رڙنديون، هر هنڌ لاشن جا ڍير لڳي ويندا جيڪي ٻاهر اڇلايا ويندا. پوءِ هر هنڌ بلڪل خاموشي ڇانئجي ويندي.“


تڏهن بني اسرائيل موسيٰ کي چيو تہ ”تنهن جي معنيٰ هاڻ اسان جو بلڪل خاتمو آهي.


تڏهن انهن جا سمورا بهادر ماڻهو اٿيا ۽ راتو رات پنڌ ڪري بيت‌شان شهر ۾ وڃي پهتا، جتان چوريءَ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش ديوار تان لاٿائون ۽ يبيس شهر ۾ موٽي اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ