Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 6:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ويل آهي اوهان لاءِ، اي صيئون وارؤ! بلڪ ويل آهي اوهان لاءِ، اي سامريہ جي جبلن تي آرام ۽ اطمينان سان رهڻ وارؤ! هائو، اوهين جي پنهنجي ملڪ اسرائيل جا عظيم اڳواڻ آهيو، ۽ سڄي ملڪ وارا اوهان جا سلامي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 افسوس آهي انهن جي حال تي، جي صيون ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ انهن جي حال تي، جي سامريہ جي جبل ۾ صحيح سلامت آهن، ۽ انهن مشهور ماڻهن جي حال تي، جي قوم جا سردار آهن، ۽ جن وٽ اسرائيل جي گهراڻي وارا اچن ٿا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 6:1
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن سمر نالي هڪ شخص کان ستر ڪلوگرام چانديءَ جي عيوض سامريہ جي ٽَڪري خريد ڪئي. هن انهيءَ ٽڪريءَ تي هڪ شهر اڏايو ۽ اتان ئي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن ٽڪريءَ جي اڳئين مالڪ سمر جي نالي پٺيان ان شهر جو نالو سامريہ رکيو.


دولتمند ماڻهن جون ٺٺوليون، ۽ مغرورن جي حقارت سهندي سهندي، اسين بلڪل بيزار ٿي پيا آهيون.


بيشڪ جيڪي اٻوجھہ ۽ بي‌عقل نصيحت کان انڪار ڪن ٿا سي ماريا ويندا ۽ سندن لاپرواهي کين برباد ڪري ڇڏيندي.


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


اي بني اسرائيل! ان وقت اوهين منهنجا ئي هئا، اوهين منهنجي لاءِ ئي مخصوص، ۽ فصل جي پهرين پيداوار جيان هئا. مون انهن سڀني کي مصيبت ۽ ڏک ۾ وڌو، جيڪي اوهان کي ايذائيندا هئا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”موآب وارا پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي امن وَ سلامتيءَ سان رهيا آهن، اهي ڪڏهن بہ جلاوطن نہ ڪيا ويا آهن. هائو، موآب وارا مئي جي اهڙي پيالي مثل آهن، جنهن ۾ ڪا هلچل نہ اچڻ ڪري ان جي مئي آٺرجي صاف ٿي وڃي. اها هڪڙي ٿانو مان ٻئي ٿانو ۾ ڪڏهن بہ نہ اوتي ويئي آهي، جنهن سبب هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي خوشبوءِ نہ بدلي آهي.


’اُٿو تہ هن قوم تي چڙهائي ڪريون، جيڪا بي‌فڪريءَ ۽ اطمينان سان ٿي رهي. اها هڪ اهڙي قوم آهي، جنهن جي شهرن کي نہ ڪوٽ قلعا آهن ۽ نہ در دروازا، نہ ئي وري ڪا ٻي قوم سندن حمايتي آهي.


سو آءٌ اڳواڻن ڏانهن ويندس، ۽ ساڻن ڳالهائيندس. يقيناً هنن کي خداوند جي رستي ۽ پنهنجي خدا جي تقاضا جي خبر هوندي.“ پر هنن سڀني تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، تان‌تہ تنهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان آجا ٿي وڃن.


باقي اوهين پنهنجي حفاظت جو يقين ڪندي ائين چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.‘


آہ! يروشلم جي وسندي ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي! اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي، سا ڪيئن نہ رن‌زال جهڙي ٿي پيئي آهي! هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!


”مون دنيا جي سڀني قومن مان رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي. تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“


خداوند ٿو فرمائي تہ ”فلستين جي اشدود شهر جي محلاتن ۾ بلڪ مصر ملڪ جي محلاتن ۾ اهو اعلان ڪيو وڃي تہ ’اوهين اسرائيل ملڪ جي سامريہ شهر جي چوڌاري جبلن تي گڏ ٿيو. هائو، اچي ڏسو تہ سامريہ اندر ڪيڏا نہ هنگاما ۽ ظلم آهن.‘


ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.


هائو، آءٌ خداوند جنهن جو نالو قادرِمطلق خدا آهي، سو چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي جلاوطن ڪري دمشق کان بہ پري تڙي ڇڏيندس.“


ان کان علاوہ اُهي جيڪي سامريہ جي ڪراهت جهڙن بتن جو قسم کڻي چون ٿا تہ ’اي دان شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘ يا وري ’اي بيرسبع شهر! تنهنجي معبود جو قسم،‘ سي سڀيئي ڪري پوندا ۽ وري ڪڏهن نہ اٿندا.“


منهنجي قوم جا گنهگار جيڪي ٻٽاڪ هڻي چون ٿا تہ ’ڪابہ آفت اسان تائين نہ پهچندي، ۽ نہ اسان کي ڪو نقصان رسائيندي،‘ سي سڀيئي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا.“


اي بني يعقوب جا اڳواڻؤ! هائو، اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! ٻڌو. ڇا اوهان جو اهو فرض ناهي جو اوهين انصاف قائم ڪريو؟


ان وقت آءٌ بتي کڻي يروشلم ۾ تلاشي وٺندس، ۽ انهن کي سزا ڏيندس، جيڪي دولت سبب بي‌فڪرا ٿي دل ۾ چون ٿا تہ ’خداوند وٽان نہ چڱائي ٿيندي ۽ نہ مندائي.‘


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.


اوهان زمين تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي.


ائين ڪندي پنهنجيون سموريون ڳڻتيون انهيءَ تي رکو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جو فڪر آهي.


سو اهي پنج ئي ڄڻا اُتان روانا ٿيا ۽ ليس شهر ۾ آيا. اُتي ڏٺائون تہ صيدانين وانگر ماڻهن امن ۽ آرام ۾ پئي گذاريو. انهن جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪمي ڪانہ هئي، تنهنڪري هو ڏاڍا خوشحال هئا. هو صيدانين کان گھڻو پري هئا ۽ ٻئي ڪنهن سان بہ ڪو واسطو نہ هئن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ