9 هو ڏاڍن تي اوچتو ئي اوچتو موت آڻي ٿو، هائو، هو ئي انهن جي قلعن تي تباهي نازل ڪري ٿو.
9 جو ڏاڍن تي اوچتو موت آڻي ٿو ۽ انهي ڪري قلعي تي تباهي اچي ٿي.
۽ کيس چيائين تہ ”اوڀر واري دري کول.“ هن اها کولي. تڏهن اليشع کيس چيو تہ ”تير هڻ.“ هن تير هنيو. تنهن تي اليشع چيو تہ ”خداوند جي فتح جو تير، ارام تي فتح جو تير! تون افيق ۾ ارامين کي پوريءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏيندين.“
بنهدد جي بادشاهيءَ دوران يهوآس ولد يهوآخز اهي شهر کانئس کسي ورتا جيڪي هن جنگ ۾ سندس پيءُ يهوآخز کان قبضي ڪيا هئا. يهوآس ٽي ڀيرا هن کي شڪست ڏني ۽ اسرائيل جا شهر هن کان موٽائي هٿ ڪيائين.
پر اي يروشلم وارؤ! اوهان جي دشمنن جو ڪٽڪ ناس ٿي سنهيءَ دز وانگر ٿي ويندو. هائو، اهو خوفناڪ لشڪر طوفان ۾ اُڏامندڙ بُهہ وانگر غائب ٿي ويندو. انهيءَ سبب جو هڪ لحظي ۾ ۽ اوچتو ئي اوچتو
پوءِ بابلين جو لشڪر جيڪو اوهان تي حملو ڪري ايندو، تنهن کي جيڪڏهن اوهين شڪست بہ کڻي ڏيو ۽ سندن خيميگاهہ ۾ رڳو زخمي ئي وڃي بچن، تہ بہ اهي ٻاهر نڪري هن شهر کي ضرور ساڙي ڇڏيندا.“
تڏهن تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زورآور پنهنجو زور لڳائي نہ سگھندو، نڪي ڪو جوڌو ئي پاڻ کي بچائي سگھندو.
اوهان جي ملڪ جا شهر ۽ مضبوط قلعا، جن ۾ حفاظت جي لحاظ کان اوهان کي ڀروسو آهي، تن سڀني کي آءٌ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندس.
انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان زورآور ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو