عاموس 5:5 - Muslim Sindhi Bible5 بيتايل، جِلجال ۽ بيرسبع ڏانهن نہ وڃو. هائو، اوهين هرگز انهن جي عبادتگاهن جا پيروڪار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ يقيناً انهن جا سڀيئي رهاڪو جلاوطن ڪيا ويندا، ۽ انهن شهرن کي نابود ڪيو ويندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 پر بيت ايل کي نہ ڳوليو، نڪي جلجال ۾ وڃو، نڪي بيرسبع ڏي لنگهي وڃو؛ ڇالاءِ جو يقين آهي تہ جلجال قيد ٿي ويندو ۽ بيت ايل نابود ٿي ويندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
يوسياہ بادشاهہ سڄي يهوداہ جي شهرن مان سڀني ڪاهنن کي يروشلم ۾ گھرايو. هن سڄي ملڪ ۾ جِبع کان وٺي بيرسبع تائين ٽڪرن تي ٺهيل انهن غير معبودن جي پوڄا گھرن جي بيحرمتي ڪرائي، جتي اهي ڪاهن قربانيون پيش ڪندا هئا. هن اهي سڀيئي قربانگاهون بہ ڊهرائي ڇڏيون جيڪي شهر جي حاڪم يشوع جي دروازي جي لنگھہ وٽ شهر جي مکيہ دروازي جي کاٻي پاسي هيون.