Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 5:26 - Muslim Sindhi Bible

26 پر اوهين پنهنجي ديوتا سڪوت بادشاهہ جون ۽ ڪيوان ستاري ديوتا جون مورتيون ٺاهي انهن جي پوڄا ڪريو ٿا. سو هاڻي اوهين انهن مورتين سوڌو تڙيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 هائو، اوهين تہ ملڪوم جا تنبو، ۽ ڪيوان جا بُت، ۽ پنهنجي معبود جو تارو، جي اوهان پاڻ ٺاهيا هئا، کڻي هلندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 5:26
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.


مون اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو هنن منهنجي حڪمن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجي سبت وارن ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪيائون، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي بتن جي پوڄا کي وڌيڪ پسند ڪيو.


اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


هائو، آءٌ خداوند جنهن جو نالو قادرِمطلق خدا آهي، سو چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي جلاوطن ڪري دمشق کان بہ پري تڙي ڇڏيندس.“


پر اوهان مولڪ ديوتا جو خيمو، ۽ رفان ديوتا جي ستاري جي مورتي پاڻ سان کنيو پئي وتيا، جيڪي اوهان پوڄا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا هئا. هاڻي آءٌ اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ