24 انهيءَ جي بدران انصاف کي پاڻيءَ وانگر، ۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو.
24 پر ڇڏيو تہ انصاف پاڻيءَ وانگي هيٺ لهي، ۽ سچائي زور ڀري نهر وانگي.
سچائي ۽ انصاف خداوند جي نظر ۾ قربانين کان وڌيڪ افضل آهن.
ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.
”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رننزالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بيگناهہ جو رت وهايو.
خداوند خدا فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! اوهين گھڻا گناهہ ڪري چڪا آهيو. هاڻي اوهين ظلم ۽ ڦرلُٽ ڇڏي ڏيو ۽ عدل وَ انصاف ڪريو. اوهين منهنجي قوم کي وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن مان نڪرڻ تي مجبور نہ ڪريو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.
آءٌ رسمي قربانيون نہ ٿو چاهيان، بلڪ اوهين مون سان دلي طرح وفادار هجو. هائو، مون کي رسمي ساڙڻ واريون قربانيون پسند نہ آهن، بلڪ مون کي سچيءَ دل سان سڃاڻو.
پنهنجي راڳن جو هُل مون کان پري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي سارنگين جو سُر نہ ٻڌندس.
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي انصاف کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙي ٿا ڇڏيو.
اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.