عاموس 5:22 - Muslim Sindhi Bible22 هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون، ۽ اناج جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ آءٌ اُهي بہ قبول نہ ڪندس. نڪي آءٌ اوهان جي ٿلهن متارن جانورن جي سلامتيءَ واري قربانيءَ تي ئي ڪو ڌيان ڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible22 هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.