Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 5:20 - Muslim Sindhi Bible

20 ڇا خداوند جي ڏينهن تي انڌارو نہ هوندو؟ بيشڪ اهو اونداهو، بلڪ بنا ڪنهن روشني جي اوندهہ انڌوڪار هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 خداوند جو ڏينهن اونداهي نہ ٿيندو ڇا؟ انهيءَ ۾ روشنائي نہ پر بنا تجلي اوندهہ انڌوڪار هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 5:20
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آسمان جي ستارن، ۽ ان جي برجن ۾ روشني نہ رهندي، سج اڀرڻ سان ئي اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي وڃائي ويهندو.


توڙي هيٺ زمين ڏانهن نهاريندا، پر کين هر طرف مصيبت، اونداهي ۽ ڏک جي پِيڙا ئي نظر ايندي. آخرڪار مصيبتن جي گھُگھُہ اونداهي مٿن اچي غالب پوندي.


هائو، آءٌ بلڪل اهڙيءَ طرح سندن سار سنڀال لهندس جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ٽڙي پکڙي ويل رڍن ٻڪرين کي وري آڻي گڏ ڪندو آهي. آءٌ پنهنجي رڍن ٻڪرين کي انهن سڀني جاين تان آڻي وري گڏ ڪندس، جن جاين ڏانهن اهي اونداهي ۽ مصيبت واري ڏينهن ڇڙوڇڙ ٿي ويون هيون.


اهو ڏينهن اونداهيءَ ۽ انڌاري وارو هوندو، هائو، جھڙالو ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ وارو ڏينهن. جيئن پرهہ ڦٽڻ مهل روشني جبلن تي پکڙجي ٿي، تيئن ئي انهيءَ ڏينهن هڪڙو وڏو ڪٽڪ پکڙجي ويندو. اهڙو طاقتور ڪٽڪ نہ اڳي ڪڏهن آيو آهي، ۽ نہ وري ڪيترين ئي پيڙهين تائين ڪڏهن ايندو. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ سگھندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن آءٌ خداوند سڀني قومن جي عدالت ڪندس. اي ادوم وارؤ! جيڪي ڪجھہ اوهان ٻين سان ڪيو آهي، سو ئي اوهان سان بہ ڪيو ويندو. هائو، اوهان جي انهيءَ عمل جو اوهان کان بدلو ورتو ويندو.


پر هو اٿلندڙ ٻوڏ جيان پنهنجي مخالفن ۽ دشمنن کي موت جي اونداهيءَ ڏانهن ڌڪي ناس ڪري ڇڏي ٿو.


اهو ڏينهن غضب جو ڏينهن هوندو، اهو ڏينهن مصيبت ۽ ڏک جو ڏينهن هوندو، اهو ڏينهن برباديءَ ۽ تباهيءَ جو ڏينهن هوندو، اهو ڏينهن اونداهيءَ ۽ انڌاريءَ جو ڏينهن هوندو، اهو ڏينهن ڪڪرن ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ جو ڏينهن هوندو،


تڏهن بادشاهہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’هن جا هٿ پير ٻڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي هو پيو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند پيو ڪرٽيندو.‘“


”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.


اِهي سمنڊ جون بي‌قابو ڇوليون آهن، جيڪي پنهنجي بي‌شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. هو آسمان جا ڀٽڪندڙ تارا آهن، جن لاءِ هميشہ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي.


پنجين ملائڪ پنهنجو پيالو انهيءَ حيوان جي تخت تي هاريو تہ انهيءَ جي بادشاهيءَ ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ماڻهو سور سببان پنهنجيون زبانون چٻاڙيندا


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ