Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 5:17 - Muslim Sindhi Bible

17 سڀني انگورن جي باغن ۾ واءِ‌ويلا پئجي ويندي. آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ اچي رهيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ سڀني ڊاک جي منهن ۾ واويلا پئجي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ تنهنجي وچان لنگهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 5:17
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ موسيٰ فرعون کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’اڌ رات ڌاري آءٌ مصر ملڪ جي وچ مان لنگھندس.


انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


جڏهن خداوند مصرين کي مارڻ لاءِ ملڪ مان لنگھندو ۽ در جي ٻنهي ٻانهين ۽ سردرن تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگھي ويندو. هو موت جي فرشتي کي اوهان جي گھرن ۾ اوهان کي مارڻ لاءِ اچڻ ڪين ڏيندو.


سرسبز ٻنين مان خوشيون ختم ٿي ويون آهن، انگورن جي باغن مان خوشيءَ جي راڳن ڳائڻ جو آواز بند ٿي ويو آهي، ۽ انگورن جي چيچڙن مان رس نہ ٿي ڪڍي وڃي. هائو، انگورن جي فصل جي سموري خوشي ۽ شادماني ختم ٿي ويئي آهي.


موآب جي زرخيز سرزمين مان خوشي ۽ سرهائي نڪري وينديون. آءٌ انگورن جي چيچڙن مان مئي ڪڍڻ بند ڪرائي ڇڏيندس. ڪوبہ خوشيءَ جا آواز ڪڍندي چيچڙي ۾ انگور لتاڙي مئي نہ ڪڍندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! توڙي جو نينواہ وارا ڪيترا بہ زورآور ۽ تعداد ۾ گھڻا ڇو نہ هجن، تہ بہ هو تباهہ ۽ ناس ٿي ويندا. جيتوڻيڪ مون اوهان کي ڏک ڏنو آهي، تڏهن بہ هاڻي اوهان کي وڌيڪ ڏکي نہ ڪندس.


ڏسو، هنن جبلن ڏانهن نهاريو ۽ انهيءَ ڏانهن ڏسو، جيڪو خوشخبري آڻي ٿو، هائو، جيڪو امن جي خوشخبري آڻي ٿو. اي يهوداہ وارؤ! توهين ڀلي پنهنجيون عيدون ملهايو ۽ باسون پوريون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آئيندہ اهي بڇڙا توهان تي حملو ڪري نہ سگھندا، ڇو تہ کين هميشہ جي لاءِ ناس ڪيو ويو آهي.


آءٌ پنهنجي ملڪ تي نظرداري ڪري رهيو آهيان، سو اڳتي ڪوبہ ڦورو ٽولو ان کي نقصان پهچائي نہ سگھندو، نڪي وري ڪو ظالم منهنجي قوم کي لتاڙي سگھندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ