Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 5:15 - Muslim Sindhi Bible

15 بديءَ کان نفرت ڪريو، نيڪيءَ سان محبت رکو، ۽ عدالت ۾ انصاف قائم ڪريو. ائين ڪرڻ سان شايد خداوند قادرِمطلق خدا، اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 بديءَ کي ڌڪاريو ۽ نيڪيءَ کي پيار ڪريو، ۽ دروازي ۾ انصاف قائم ڪريو: امڪان آهي تہ خداوند لشڪرن جو خدا يوسف جي باقي رهيلن تي مهربان ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 5:15
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٿي سگھي ٿو تہ مون کي پهتل هن رنج تي خداوند نظر ڪري ۽ اڄوڪي لعنت جي عيوض هو منهنجو ڀلو ڪري.“


بن‌هدد جا عملدار وٽس ويا ۽ کيس چيائون تہ ”اسان ٻڌو آهي تہ اسرائيل جا بادشاهہ رحمدل هوندا آهن. سو اسان کي موڪل ڏيو تہ اسين پنهنجن چيلهِن تي کٿا ويڙهي ۽ پنهنجين ڳچين ۾ ڳارا وجھي اسرائيل جي بادشاهہ وٽ وڃون. ٿي سگھي ٿو تہ هو اوهان کي جيئدان ڏئي.“


يهوآخز جي فوج ۾ پنجاهہ گھوڙي سوارن، ڏهن جنگي گھوڙي گاڏين ۽ ڏهہ هزار پيادن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين بچيو هو، ڇاڪاڻ تہ ارامين انهن جا ڪيترائي فوجي ماري ڇڏيا هئا. کين اهڙو ڪري ڇڏيو هئائون جهڙي اَن ڳاهڻ واري پِڙ ۾ مٽي.


فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيت‌معڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو عملدار اعليٰ موڪليو آهي جيڪو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


تنهنجي قاعدن جي وسيلي مون کي سمجھہ عطا ٿئي ٿي، تنهنڪري مون کي بدڪاريءَ واري هر راهہ کان نفرت آهي.


هائو، بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو ۽ سدائين نيڪي ڪندا رهو. اوهين صلح جا طالبو ٿيو ۽ انهيءَ جي پٺيان لڳا رهو.


اهي پنهنجي هنڌ تي ليٽي بہ بڇڙائيءَ جون ئي رٿون ٿا رٿين. اهي برائيءَ کان نفرت نہ ٿا ڪن بلڪ بريءَ راهہ تي هلندا ٿا رهن.


تنهنڪري اوهين بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو، ۽ هر ڪنهن سان نيڪي ڪريو، تڏهن ئي اوهين هن ملڪ ۾ هميشہ تائين قائم رهندا.


اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.


جيڪي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪن ٿا، تن کي خداوند پيار ڪري ٿو. جيڪي سندس نيڪ بندا آهن تن جي هو حفاظت ڪري ٿو، ۽ بڇڙن ماڻهن جي هٿن منجھان کين ڇڏائي ٿو.


ٻئي ڏينهن تي موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهان تمام وڏو گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي آءٌ خداوند وٽ مٿي چڙهي ٿو وڃان، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهان جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪريان.“


تڏهن جنهن قوم کي مون مصيبت کان آگاهي ڏني هوندي، سا جيڪڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي تہ آءٌ مٿس اها مصيبت نہ آڻيندس جيڪا مون رٿي هوندي.


”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”يعقوب جي نسل لاءِ خوشيءَ جا گيت ڳايو، قومن جي هن سردار قوم لاءِ نعرا هڻو. هائو، نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڪندي چئو تہ ’اي خداوند! تون ئي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي باقي بچي ويلن کي ڇڏائڻ وارو آهين.‘


خداوند خدا فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل جا حڪمرانؤ! اوهين گھڻا گناهہ ڪري چڪا آهيو. هاڻي اوهين ظلم ۽ ڦرلُٽ ڇڏي ڏيو ۽ عدل وَ انصاف ڪريو. اوهين منهنجي قوم کي وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن مان نڪرڻ تي مجبور نہ ڪريو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


تڏهن دانيال جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي صوبي تي ڪمن ڪارين تي مقرر ڪيو. پر دانيال پاڻ بادشاهہ جي درٻار ۾ ئي رهيو.


شايد خداوند پنهنجو ارادو بدلائي اوهان سان رحم وارو سلوڪ ڪري. پوءِ هو اوهان تي جھجھي اناج ۽ مئي جون برڪتون نازل ڪندو، جن مان اوهين خداوند پنهنجي خدا لاءِ قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪندا.


سو خبردار اي اوهين! جيڪي عدالت ۾ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريندڙن، توڙي سچ ڳالهائيندڙن کان نفرت ڪري کين ڌڪاريو ٿا.


انهيءَ جي بدران انصاف کي پاڻيءَ وانگر، ۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو.


سو اي اسرائيل وارؤ! اوهين خداوند جا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو. جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ هو بيت‌ايل بلڪ اوهان جي سڄي ملڪ ۾ باهہ وانگر ڪاهي پوندو، ۽ اوهان کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو. ڪوبہ انهيءَ باهہ کي وسائي نہ سگھندو.


اي اسرائيل وارؤ! ڀلا، ٽڪرن تي ڪو گھوڙا ڊوڙائي سگھي ٿو ڇا؟ يا ڪو ڍڳن سان سمنڊ تي هرُ ڪاهي سگھي ٿو ڇا؟ پر اوهان انصاف جهڙي مٺي شيءِ کي ڦيرائي زهر ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ سچائيءَ جي ميوي کي ڦيرائي ٽُوهہ ڪري ڇڏيو اٿوَ.


تڏهن خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ ”چڱو ڀلا، ائين نہ ٿيندو.“


ڪپتان يونس وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”تون ڇو ننڊ پيو آهين؟ اُٿي پنهنجي معبود کي پڪار تہ من انهيءَ کي اسان جو ڪو خيال پوي ۽ اسين برباد ٿيڻ کان بچي پئون.“


شايد خدا پنهنجو ارادو بدلائي پنهنجي شديد قهر کان باز اچي ۽ اسين برباديءَ کان بچي وڃون.“


خداوند بني اسرائيل سان واعدو ٿو ڪري تہ ”اي يعقوب جو اولاد! آءٌ اوهان جي باقي بچيلن کي گڏ ڪري ضرور سندن وطن ڏانهن ائين موٽائي آڻيندس، جيئن هڪ ڌنار پنهنجي رڍن جي ڌڻ کي هڪلي آڻي سندن چراگاهہ ۾ گڏ ڪندو آهي. پوءِ اوهان جو ملڪ وري رونقن سان ڀرجي ويندو.


پر اوهين تہ نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو. جيئن ڪاسائي ڪٺل ڍور جي کل لاهي انهيءَ جي هڏين تان ماس رهڙي ٿو وٺي ۽ هڏا ڀڃي ٿو ڇڏي، ۽ پوءِ گوشت کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ديڳ ۾ رنڌڻ لاءِ ٿو وجھي، تيئن ئي اوهين منهنجي قوم وارن سان سلوڪ ٿا ڪريو. ڄڻ تہ اوهين انهن جو ماس کائي کائي چٽ ٿا ڪريو.


خداوند پنهنجي قوم کي تيستائين سندن دشمنن جي هٿ ۾ ڇڏي ڏيندو، جيستائين اهو حڪمران پنهنجي ماءُ جي پيٽان نہ ڄمي. پوءِ حڪمران جي قوم وارا جيڪي جلاوطنيءَ ۾ آهن، سي موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۾ آباد ٿيندا، ۽ باقي اتي رهيل بني اسرائيل سان گڏ رهندا.


اي ملڪ جا سڀ حليم رهاڪؤ! جيڪي سندس حڪم تي هلندڙ آهيو، سي خداوند جا طالبو رهو. هائو، اوهين سچائيءَ ۽ عاجزيءَ جا طلبگار رهو، تڏهن ٿي سگھي ٿو خداوند جي ڪاوڙ واري ڏينهن تي اوهان کي پناهہ ملي.


اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“


پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


منهنجي دل تہ خدا جي شريعت مان خوش آهي،


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انساني فطرت واري سوچ خدا جي دشمن آهي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ خدا جي حڪمرانيءَ جي تابع آهي، نڪي ٿي سگھي ٿي.


منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي راهہ تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو خدا جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن خدا کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ