Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 4:9 - Muslim Sindhi Bible

9 مون ڪيترائي دفعا اوهان جي فصلن کي سينوَر ۽ رتيءَ جي بيمارين سان سَٽيو. اوهان جا گھڻا ئي باغ، مثال طور انگورن، انجيرن ۽ زيتونن جا باغ، ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيا. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 مون اوهان کي جهوٽي ۽ رتيءَ سان ضربيو: اوهانجن گهڻن باغن، ۽ ڊاک جي منهن، ۽ اوهان جي انجير جي وڻن، ۽ زيتون جي وڻن کي ڪينئون کائي چٽ ڪري ويو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 4:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جھولو لڳي يا فصلن ۾ رتي پوي، ماڪڙ کائي يا جيت لڳي، يا جڏهن سندن دشمن سندن شهرن کي گھيري هيٺ آڻين، مطلب تہ ڪهڙي بہ آفت يا ڪهڙي بہ بيماري اچي پوي،


جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جھولو لڳي يا فصلن ۾ رتي پوي، ماڪڙ کائي يا جيت لڳي، يا جڏهن سندن دشمن سندن شهرن کي گھيري هيٺ آڻين، مطلب تہ ڪهڙي بہ مصيبت يا ڪهڙي بہ بيماري اچي پوي،


ڇو اوهين اڃا بہ بغاوت ڪندا ٿا اچو؟ ڇا اوهين اڃا وڌيڪ سزا چاهيو ٿا؟ اي بني اسرائيل! اوهان جو مٿو اڳي ئي زخمن کان چُور آهي، ۽ اوهان جي دل وَ دماغ بيماريءَ ۾ ورتل آهن.


پر اي اوهين سڀ! جيڪي ٻين جي لاءِ باهہ ٿا ٻاريو، سي پاڻ ئي پنهنجي باهہ جي شعلن ۾ برباد ٿي ويندا. خداوند وٽ اوهان لاءِ اهو ئي ڪجھہ آهي. هائو، اوهان جي نصيب ۾ عذاب ئي عذاب آهي.


سندن اوڀر ۾ ارامي آهن تہ اولهہ ۾ فلستي، جيڪي اسرائيل وارن کي ڳهي وڃڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم مون ڏانهن پوريءَ دل سان موٽ نہ ڪئي آهي، رڳو رياڪاري ڪئي اٿن. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


هاڻي هو وري مصر ملڪ ڏانهن موٽايا ويندا، بلڪ اشور وارا مٿن حڪمراني ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي.


ماڪڙ جي ڪٽڪن مٿان ڪٽڪن اچي فصلن تي حملو ڪيو. پهرئين ڪٽڪ کان جيڪي ڪجھہ بچيو بہ هو تہ اهو وري ٻئي ڪٽڪ اچي ڳڙڪائي ڇڏيو.


انهيءَ ڪٽڪ اسان جي انگورن جا باغ اجاڙي ڇڏيا آهن، ۽ اسان جي انجيرن جا وڻ ڀڃي وڌا آهن. وڻن جا ڇوڏا بہ لاهي اڇلايا اٿن، ايتري قدر جو ٽاريون بلڪل اڇيون نظر اچن ٿيون.


آءٌ گذريل سالن ۾ فصلن جو ٿيل نقصان اوهان کي موٽائي ڏيندس. هائو، اهي فصل جن کي ماڪڙ جي ڪٽڪن کائي چٽ ڪري ڇڏيو هو. اهي ماڪڙ جا ڪٽڪ مون ئي اوهان ڏانهن لشڪر جيان موڪليا هئا.


پر آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ مون اوهان جي سڀني شهرن ۾ ڏڪار آندو، تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو اڃ کان بي‌حال ٿي پاڻيءَ واسطي شهر شهر ڀٽڪندا رهيا، پر پيئي ڪري ڪڏهن بہ ڍءُ نہ ڪيائون. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي انگورن جي ول ۾ ڪو انگور هوندو، جيتوڻيڪ زيتون جو فصل نہ ٿيندو، ۽ ٻنيون اناج پيدا نہ ڪنديون، جيتوڻيڪ واڙن ۾ ڌڻ نہ لڀندو، ۽ نہ وٿاڻن ۾ چوپايو مال ئي هوندو،


اهو انهيءَ ڪري هو جو مون جھولي، سينوَر ۽ ڳڙن موڪلڻ سان اوهان جي سڄي پيداوار کي برباد ڪري ٿي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


آءٌ اوهان جي خاطر ماڪڙ کي اوهان جي زمين جي پيدائش برباد ڪرڻ نہ ڏيندس، نڪي وري اوهان جي انگورن جو ڦر ڪچو زمين تي ڪرندو.


خداوند اوهان کي سلهہ، بخار ۽ سوزش سان، اوهان جي زمين کي ساڙيندڙ جھولي ۽ خشڪ‌ساليءَ سان ۽ اوهان جي گھرن کي رتيءَ ۽ سينور جي مرض سان سٽي وجھندو. جيستائين اوهين تباهہ نہ ٿي ويندا، تيستائين اهي مرض اوهان جي پٺيان هوندا.


اوهان جا سڀ وڻ ۽ اوهان جي زمين جي سموري پيداوار ماڪڙ جو لشڪر کائي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ