عاموس 4:5 - Muslim Sindhi Bible5 ڀلي تہ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني روٽ سان باهہ تي ادا ڪندا رهو. ڀلي تہ خوشيءَ جي قربانين ڪرڻ جون ٻٽاڪون هڻندا رهو. اي اسرائيل وارؤ! ائين آءٌ خداوند خدا انهيءَ ڪري چوان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي پسند آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 ۽ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني خمير سان ادا ڪريو، ۽ خوشي جون قربانيون پڌريون ڪريو، ۽ انهن جو اشتهار ڪريو، ڇالاءِ جو اي بني اسرائيل، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو اوهان کي پسند آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو، جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي، مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو، جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي. هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل، جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي. پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي، جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو، ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.