Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 4:4 - Muslim Sindhi Bible

4 خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! ڀلي تہ اوهين بيت‌ايل ۽ جِلجال جي عبادت‌گاهن ۾ وڃي گناهہ ڪندا رهو، ڀلي تہ اتي هر صبح جو قربانيون کڻي وڃي پيش ڪندا رهو، ۽ هر ٽئين ڏينهن تي اوڏانهن پنهنجي پيداوار جا ڏهان حصا کڻي ويندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 بيت ايل ۾ اچو ۽ گناهہ ڪريو، جلجال ۾ اچو ۽ گناهہ وڌايو، هر صبح پنهنجون قربانيون چاڙهيو، ۽ هر ٽئين ڏينهن پنهنجون ڏهاڪيون آڻيندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 4:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو.


سو هاڻ اي بني اسرائيل! جيڪڏهن منهنجي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو تہ پوءِ ڀلي وڃو ۽ وڃي پنهنجن بتن جي پوڄا ڪندي سندن آڏو نذرانا پيش ڪريو جنهن ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي ٿي ٿئي. پر آءٌ اوهان کي خبردار ٿو ڪريان تہ اوهان کي انهيءَ ڪم کان آءٌ جلد باز آڻيندس.


پر جِلعاد جي علائقي ۾ اڃا تائين بدڪاري ۽ نسوري بيهودگي آهي، هائو، جِلجال شهر ۾ ڪراهت جهڙن بتن جي لاءِ اوهين ڍڳن کي قربان ٿا ڪريو. اوهان جون قربان‌گاهون ايتريون تہ گھڻيون آهن، جيئن ٻنين ۾ ڀترن جا ڍڳ هجن.


اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن جي بڇڙائي جِلجال کان ئي شروع ٿي، هائو، آءٌ اتي ئي ساڻن ڏاڍي نفرت ڪرڻ لڳو هئس. هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ وارن ڪمن جي ڪري کين پنهنجي چونڊيل ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس. آءٌ انهن سان وري محبت نہ رکندس، ڇاڪاڻ تہ سندن سڀ اڳواڻ مون کان باغي آهن.


جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل وارن کي سندن گناهن جي سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت‌ايل جي قربان‌گاهن کي بہ تباهہ ڪري ڇڏيندس. هائو، قربان‌گاهن جي ڪنارن وارا سڱ ڀڄي پوندا ۽ زمين تي وڃي ڪرندا.


بيت‌ايل، جِلجال ۽ بيرسبع ڏانهن نہ وڃو. هائو، اوهين هرگز انهن جي عبادت‌گاهن جا پيروڪار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ يقيناً انهن جا سڀيئي رهاڪو جلاوطن ڪيا ويندا، ۽ انهن شهرن کي نابود ڪيو ويندو.“


تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو هو تنهن کي ڀلي وڃي پورو ڪريو.


پوءِ هو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ کين چيائين تہ ”اوهين اڃا تائين سمهي آرام پيا ڪريو! ڏسو، اها گھڙي اچي پهتي آهي جو ابنِ آدم گنهگارن جي حوالي ڪيو وڃي.


پر جڏهن هو ٽيون دفعو انهن وٽ موٽي آيو، تڏهن چيائين تہ ”ڇا اڃا تائين اوهين ننڊون ۽ آرام پيا ڪندا؟ بس، اها گھڙي اچي پهتي آهي. ڏسو، ابنِ آدم گنهگارن جي حوالي ڪيو پيو وڃي.


هو رات ڏينهن قبرستان ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو هو ۽ پٿرن سان پاڻ کي رتوڇاڻ پيو ڪندو هو.


”هر ٽئين سال، جڏهن اوهين پنهنجي ان سال جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي پورو ڪريو، تڏهن اهو پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاوين، يتيمن، رنن‌زالن ۽ ڌارين کي ڏجو تہ اهي کائي ڍءُ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ