Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 مون اوهان مان ڪن کي ناس ڪري ڇڏيو، جيئن اڳي سدوم ۽ عموراہ شهرن سان ڪيو هئم، ۽ اوهين انهيءَ اُماڙيءَ وانگر آهيو، جيڪا ٻرندڙ باهہ منجھان ڇڪي ڪڍي وڃي. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 مون اوهان مان ڪن کي اونڌو ڪري ڪيرايو آهي، جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عمورہ کي ڪيرايو، ۽ اوهين ٻرندڙ باهہ مان اُماڙي وانگي ڇڪي ڪڍيا ويا آهيو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 4:11
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بابل جيڪو سڀني بادشاهتن جي سونهن، ۽ پنهنجي رهاڪن جو فخر ۽ شان آهي، تنهن جو حال سدوم ۽ عموراہ جهڙو ٿيندو، جن کي خدا اونڌو ڪري ڇڏيو هو.


اتي تون کيس چئُہ تہ ’سنڀالي هل، حوصلو رک ۽ رضين، سندس ارامي فوج ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ جي مخالفت کان نہ ڊڄ. تنهنجي خلاف هنن جي ڪاوڙ ڄڻ تہ رڳو دونهون ڪڍندڙ انهن ٻن اُماڙين جيان آهي، جيڪي وسامڻ تي آهن. سو تون هنن کان نہ گھٻراءِ.


سندن اوڀر ۾ ارامي آهن تہ اولهہ ۾ فلستي، جيڪي اسرائيل وارن کي ڳهي وڃڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. انهيءَ جي باوجود خداوند جو قهر جھڪو نہ ٿيندو، بلڪ سندس هٿ کين سزا ڏيڻ لاءِ اڃا بہ ڊگھيريل رهندو.


يروشلم جي نبي سڏائيندڙن ۾ مون وري انهن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي جو هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙ تي ٿا گذر ڪن. هو بدڪارن جا هٿ مضبوط ٿا ڪن، تان جو ڪوبہ پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي. سو سڀيئي يروشلم وارا منهنجي نظر ۾ سدوم ۽ عموراہ جي بدڪارن جهڙا آهن.


جهڙيءَ طرح سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس وارن شهرن کي تباهہ ڪيو ويو هو تهڙيءَ طرح ئي ادوم سان بہ ٿيندو ۽ منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


جيئن اڳي مون سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي آس‌پاس وارن شهرن کي اجاڙي نابود ڪري ڇڏيو هو، تيئن بابل ۾ بہ ڪو ماڻهو ڪونہ رهندو. هائو، اتي ڪوبہ آدمزاد اچي نہ رهندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


اي يروشلم وارؤ! ديڳڙي جي اها گندگي اوهان جي گھڻي زناڪاري ۽ بدڪاري آهي. مون اوهان کي پاڪ صاف ڪرڻ چاهيو، تہ بہ اوهين پاڪ صاف نہ ٿيا. هاڻي اوهين ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندا، جيستائين آءٌ پنهنجو قهر اوهان تي پوريءَ طرح نازل نہ ڪريان.


هاڻي هو وري مصر ملڪ ڏانهن موٽايا ويندا، بلڪ اشور وارا مٿن حڪمراني ڪندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


پر آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ مون اوهان جي سڀني شهرن ۾ ڏڪار آندو، تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


اهو انهيءَ ڪري هو جو مون جھولي، سينوَر ۽ ڳڙن موڪلڻ سان اوهان جي سڄي پيداوار کي برباد ڪري ٿي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


تڏهن خداوند جي ملائڪ شيطان کي چيو تہ ”اي شيطان! شل خداوند جي تو تي ملامت هجي! هائو، اهو خداوند جنهن يروشلم کي پنهنجو شهر ڪري چونڊيو، سو شل هميشہ تو تي ملامت ڪندو رهي! ڏس، هن شخص کي خداوند انهيءَ ڪاٺيءَ جيان بچايو آهي، جيڪا باهہ مان ڇڪي ڪڍي ويئي هجي.“


يسعياہ نبيءَ هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ هيئن بہ چيو آهي تہ ”جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند اسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ها، تہ اسان جو حال بہ سدوم ۽ عموراہ شهر وارن جهڙو ٿئي ها.“


پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم سڙي ويندو تہ کيس نقصان کڻڻو پوندو، جڏهن تہ هو پاڻ سڙندي سڙندي بچي ويندو.


خداوند اوهان جي زمين تي تيستائين مينهن جي بدران ڌوڙ ۽ مٽي وسائيندو رهندو، جيستائين اوهين برباد ٿي نہ وڃو.


اهي هي بہ ڏسندا تہ سڄي زمين گندرف ۽ شورو لڳي پيئي آهي ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي جو منجھس نڪي ڪجھہ پوکجي ٿو، نڪي ان مان پيداوار ٿئي ٿي، نڪو وري منجھس ڪو گاهہ ٿو اڀري. هو ڏسندا تہ اهو ملڪ سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جن کي خداوند پنهنجي قهر ۽ غضب سان نابود ڪري ڇڏيو هو.


ساڳئي نموني خدا سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايندڙ زمانن جي بي‌دينن لاءِ عبرت جو هڪ مثال ٿين.


ڪن کي باهہ جي سزا ۾ پوڻ کان ڇڪي ڪڍي بچائجو، جڏهن تہ ڪن تي رحم ڪجو پر خوف رکندي سندن بڇڙن ڪمن کان پاسو ڪجو، ايتري قدر جو سندن پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.


ساڳئي نموني سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس جي شهرن وارا انهن ملائڪن وانگر زناڪاري ۽ حرامڪاريءَ جي پٺيان پئجي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ جي سزا پيا ڀوڳين ۽ اهو ٻين لاءِ عبرت جو مثال آهي.


جيڪي ماڻهو انهن آفتن مان باقي بچيا، تن بڇڙائيءَ کان توبهہ نہ ڪئي. هائو، اهي بدروحن ۽ سون، چانديءَ، پتل، پٿر ۽ ڪاٺ جي ٺهيل بتن جي پوڄا ڪرڻ کان نہ مڙيا، جيڪي نہ ڏسي سگھن ٿا، نہ ٻڌي سگھن ٿا ۽ نہ وري گھمي ڦري ٿا سگھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ