Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 3:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ببر شينهن کي ٻيلي ۾ جيستائين ڪو شڪار نہ ملي، تڏهن بہ هو گجندو ڇا؟ يا جوان شينهن جيستائين ڪجھہ نہ پڪڙيو هجي، تہ بہ هو پنهنجي غار مان گرڪندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 يا شينهن ڪو ٻيلي ۾ گجندو ڇا، جي هن کي ڪو شڪار نہ لڌو هوندو؟ يا جوان شينهن پنهنجي غار مان ڪو آواز ڪندو ڇا، جي ڪي بہ ڪين جهليو هوندائين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 3:4
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جوان شينهن گجگوڙ ڪندي پنهنجي شڪار جي ڳولا ۾ نڪرن ٿا، هائو، خدا جي مقرر ڪيل پنهنجي خوراڪ کي ڳوليندا وتن ٿا.


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


آءٌ خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ وارن مٿان شينهن وانگر اچي ڪڙڪندس. آءٌ کين چيري ڦاڙي ڇڏيندس ۽ ڪنهن کي ڪين بخشيندس. جڏهن آءٌ کين چيرڻ ڦاڙڻ لاءِ کڻي ويندس، تڏهن کين ڪوبہ ڇڏائڻ وارو نہ هوندو.


عاموس چيو تہ ”صيئون جبل تان خداوند گجي ٿو، هائو، انهيءَ جبل واري شهر يروشلم مان سندس آواز ٻڌجي ٿو. ان آواز جي ڪري ڪرمل جبل جي چوٽي ڪومائجي ٿي وڃي، ريڍارن جو هر چراگاهہ سُڪي ٿو وڃي.“


ڀلا ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ گڏيل بندوبست کان سواءِ گڏ سفر تي نڪري سگھندا ڇا؟


جيڪڏهن ڪا ڪوڙڪي ئي نہ اڏي ويئي هجي، تہ ڪو پکي زمين تي ڦندي ۾ ڦاسندو ڇا؟ جڏهن ڪوڙڪيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاسندي ئي نہ، تہ اها ڪا مٿي اڇل کائيندي ڇا؟


ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ