Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 3:15 - Muslim Sindhi Bible

15 آءٌ سياري توڙي اونهاري وارا گھر برباد ڪري ڇڏيندس. عاج سان سينگاريل گھر چٽ ٿي ويندا، ۽ ٻيا بہ گھڻا ئي گھر ناس ٿي ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 آءٌ سياري واري گهر کي اونهاري واري گهر سان تباهہ ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ عاج جا گهر چٽ ٿي ويندا ۽ وڏا گهر ناس ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 3:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخي‌اب جو باقي احوال ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا، عاج سان سينگاريل گھر جيڪو هن ٺهرايو ۽ سڀ شهر جيڪي هن تعمير ڪرايا، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو.


پر قادرِمطلق خدا منهنجي ڪن ۾ قسم کڻي چيو تہ ”يقيناً گھڻا گھر ويران ٿيندا، هائو، وڏن ۽ عمدن گھرن ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


جيئن تہ اها سياري جي موسم هئي، سو بادشاهہ پنهنجي محل جي سياري واري رهائش‌گاهہ جي درٻار ۾ ويٺو هو ۽ سندس اڳيان مچ پئي ٻريو.


تنهنڪري آءٌ يهوداہ ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا يروشلم جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ انهيءَ ملڪ کي هڪڙو دشمن گھيري هيٺ آڻيندو، ۽ شهرن جا ڪوٽ ڪيرائي وجھندو ۽ محلات لٽيا ويندا.“


هائو، اوهين جيئن تہ غريبن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ظلم ڪري کانئن اناج ٿا ڦريو، سو اوهين توڙي جو مضبوط ۽ پُر آسائش گھر جوڙيندا، تنهن هوندي بہ انهن ۾ رهڻ نصيب نہ ٿيندءَ. اوهين انگورن جا خوبصورت باغ تہ پوکيندا، پر انهن جي مئي پيئڻ اوهان کي نصيب نہ ٿيندي.


ڏسو، جڏهن خداوند حڪم ڏيندو تڏهن وڏن وڏن گھرن ۾ ڦاٽ ۽ ننڍن گھرن ۾ ڏار پئجي ويندا، اهڙيءَ طرح اهي سڀيئي برباد ڪيا ويندا.


هاڻي جڏهن عيسوءَ جو اولاد ادومي چوي تہ ”اسين برباد تہ ٿي ويا آهيون، پر انهن کنڊرات کي وري اچي اڏينداسين،“ تڏهن قادرِ‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ اهي ڊاهي ڇڏيندس. ماڻهو انهن جي ملڪ کي بڇڙائيءَ جو ملڪ ۽ کين اهڙي قوم سڏيندا جنهن تي هميشہ مون خداوند جو قهر هجي.“


جيئن تہ بادشاهہ ان وقت پنهنجي هوادار ماڙيءَ ۾ اڪيلو ويٺو هو، سو اهود سندس ويجھو آيو ۽ کيس چيائين تہ ”مون کي توهان لاءِ خدا جي طرفان هڪڙو پيغام مليو آهي.“ تنهن تي بادشاهہ پنهنجي جاءِ تان اُٿي بيٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ