Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 3:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل وارن کي سندن گناهن جي سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت‌ايل جي قربان‌گاهن کي بہ تباهہ ڪري ڇڏيندس. هائو، قربان‌گاهن جي ڪنارن وارا سڱ ڀڄي پوندا ۽ زمين تي وڃي ڪرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گناهن جي کين سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت ايل جي قربانگاهن کي بہ سزا ڏيندس، ۽ قربانگاهہ جا سڱ وڍيا ويندا، ۽ زمين تي ڪِري پوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 3:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان سواءِ يوسياہ اسرائيل ملڪ ڏانهن وڃي اتان جي بيت‌ايل واري غير معبودن جي قربان‌گاهہ ۽ اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌوڪيندڙ يربعام ولد نباط جي جوڙايل ٽڪر واري پوڄا گھر کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو. هائو، هن اهو پوڄا گھر ساڙائي ۽ لتاڙائي خاڪ ڪرائي ڇڏيو ۽ يسيرہ وارا ٿنڀا پڻ ساڙائي ڇڏيائين.


جڏهن جشن پورو ٿيو، تڏهن اتي جيڪي ماڻهو آيا هئا سي سڀ نڪري يهوداہ جي ٻين شهرن ڏانهن ويا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان بت، يسيرہ ديويءَ وارن ٿنڀي جيان کوڙيل بتن سميت ڀڃي ڪيرائي ڇڏيائون. هنن يهوداہ ۾، بنيامين جي علائقي ۾، بلڪ افرائيم ۽ منسيءَ جي علائقن ۾ بہ ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ۽ قربان‌گاهون تباهہ ڪري ڇڏيون. تنهن کان پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي شهرن ۽ پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي ويا.


هاڻي تون وڃ ۽ پنهنجيءَ قوم کي انهيءَ جاءِ ڏانهن وٺي وڃ جيڪا مون تو کي ٻڌائي آهي ۽ منهنجو ملائڪ تنهنجي اڳيان هلندو رهندو. پر جڏهن فيصلي جو ڏينهن ايندو تڏهن انهن کي سندن گناهہ جي سزا آءٌ ڏيندس.“


اهي هر قربان‌گاهہ وٽ گروي رکيل ڪپڙن مٿان ليٽي ٿا پون، ۽ منهنجي هيڪل ۾ غريبن کان ڏنڊ طور وصول ڪيل مئي پيئن ٿا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! ڀلي تہ اوهين بيت‌ايل ۽ جِلجال جي عبادت‌گاهن ۾ وڃي گناهہ ڪندا رهو، ڀلي تہ اتي هر صبح جو قربانيون کڻي وڃي پيش ڪندا رهو، ۽ هر ٽئين ڏينهن تي اوڏانهن پنهنجي پيداوار جا ڏهان حصا کڻي ويندا رهو.


تڏهن بيت‌ايل جي ڪاهن امصياہ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثانيءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”عاموس تنهنجي خلاف تنهنجي ملڪ جي رهاڪن ۾ فتنو کڙو ڪيو آهي، سندس ڳالهيون ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏينديون.


پر هتي بيت‌ايل ۾ وري ڪڏهن بہ اڳڪٿي نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هيءَ بادشاهہ توڙي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي عبادت جي مقدس جاءِ آهي.“


تڏهن اسحاق جي اولاد جون جبلن تي ٺهيل عبادت‌گاهون تباهہ ٿي وينديون. هائو، اسرائيل ملڪ جون سڀيئي عبادت واريون جايون ويران ٿي وينديون. انهيءَ کان علاوہ آءٌ يربعام بادشاهہ جي گھراڻي خلاف جنگ کڙي ڪندس.“


پوءِ مون پروردگار کي قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادت‌گاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ