Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 3:12 - Muslim Sindhi Bible

12 خداوند وڌيڪ ٿو فرمائي تہ ”جيئن ڪو ڌنار شينهن جي وات مان کاڌل رڍ جا رڳو ٻہ پاوا يا هڪ ڪن جو ٽڪرو ٿو ڇڏائي وٺي، تيئن سامريہ ۾ رهندڙ بني اسرائيل مان ايترا تہ وڃي بچندا، جيئن پلنگ جي رڳو ٻانهين يا کٽ جو ڪو پائو وڃي بچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڌنار شينهن جي وات مان ٻہ ٽنگون يا ڪن جو ٽڪر ڇڏائي ٿو، تيئن ماڻهو اسرائيل جي سامريہ ۾ پلنگن ۽ ريشمي گادين تي ويٺا آهن، سي بہ ڇڏيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 3:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي ٻيا جيڪي بچيا سي افيق شهر ۾ اندر ڀڄي ويا جتي انهن بچي ويلن مان ستاويهہ هزار ماڻهن مٿان ڀت ڪري پيئي. بن‌هدد پڻ شهر ۾ ڀڄي هڪڙي گھر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ وڃي لڪو.


بن‌هدد اخي‌اب کي چيو تہ ”جيڪي شهر منهنجي پيءُ تنهنجي پيءُ کان کسيا هئا سي آءٌ اوهان کي موٽائي ڏيندس ۽ پوءِ توهين ڀلي دمشق شهر ۾ واپار لاءِ بازاريون ٺهرايو جيئن منهنجي پيءُ سامريہ شهر ۾ ٺهرايون هيون.“ تڏهن اخي‌اب کيس چيو تہ ”انهن شرطن تي آءٌ تو کي ڇڏي ڏيندس.“ سو بن‌هدد اخي‌اب سان اهو معاهدو ڪيو، پوءِ اخي‌اب کيس موڪل ڏني.


ميڪاياہ کيس وراڻيو تہ ”اهو تو کي انهيءَ ڏينهن معلوم ٿي ويندو جنهن ڏينهن تون پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اندرين ڪوٺيءَ ۾ ويندين.“


اشور جي شهنشاهہ آخز جي اها ڳالهہ مڃي ۽ دمشق تي چڙهائي ڪري مٿس قبضو ڪيائين. هو اتان جا ماڻهو قيد ڪري قير ملڪ ڏانهن وٺي ويو ۽ ارام جي بادشاهہ رضين کي قتل ڪري ڇڏيائين.


اتي اڇي ۽ نيري رنگ جا سوٽي پردا، واڱڻائيءَ رنگ جي سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڏورين سان چانديءَ جي انهن ڇلن ۾ ٻڌل هئا جيڪي سنگ مرمر جي ٿنڀن سان لٽڪيل هئا. ڳاڙهي، اڇي، پيلي ۽ ڪاري رنگ جي پٿرن جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا.


پوءِ شهنشاهہ باغ مان واپس دعوت واري ڪمري ۾ موٽي آيو، جتي ڏٺائين تہ هامان راڻي آستر جي پلنگ تي ڪريو پيو هو. تڏهن شهنشاهہ غصي وچان رڙ ڪري چيو تہ ”هو منهنجي روبرو منهنجي راڻيءَ ۾ هٿ وجھڻ کان بہ نہ ٿو مڙي!“ شهنشاهہ اهي لفظ چيا ئي مس تہ سندس خواجہ‌سرا خدمتگارن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.


”آءٌ پنهنجي پلنگ تي ڪين سمهندس، بلڪ پنهنجي گھر ۾ داخل ئي نہ ٿيندس،


انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجي خالق آڏو ٻاڏائيندا، هائو، سندن اکيون بني اسرائيل جي پاڪ معبود ڏانهن مدد لاءِ واجھائينديون.


خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”جهڙيءَ طرح ڌنار ڪيتريون بہ رڙيون ڪن تان‌تہ شينهن کي سندس شڪار کان ڀڄائي ڪڍن، پر اهو پنهنجي شڪار تي بيهي گجڪار ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح صيئون جبل وارن جي حفاظت ڪرڻ کان مون قادرِمطلق خداوند کي ڪوبہ ڀڄائي نہ ٿو سگھي.


انهيءَ سبب جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳ اشور جو شهنشاهہ اوهان جي دشمنن يعني دمشق ۽ سامريہ وارن تي حملو ڪري اتان جو مال ملڪيت لٽي ڦري پاڻ سان کڻي ويندو.“


اوهين عاج جي پلنگن تي ليٽندي بلڪ پنهنجن طول وِهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي پنهنجي ڌڻن مان پسند جي گھيٽن ۽ ٿلهن متارن گابن جو گوشت کائو ٿا.


ڏسو، مون خداوند خدا جون اکيون اوهان جي گنهگار بادشاهت تي آهن. آءٌ انهيءَ کي روءِزمين تان مِٽائي ڇڏيندس. انهيءَ هوندي بہ آءٌ يعقوب جي اولاد کي بلڪل ئي نابود نہ ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ