عاموس 2:9 - Muslim Sindhi Bible9-10 اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہبلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،
هاڻي اي حزقيايل! مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون سمجھين ٿو تہ اها انگورن جي ول سرسبز رهندي؟ ڇا پهريون عقاب انهيءَ جون پاڙون پٽي ۽ انهيءَ جو ميوو وڍي نہ اڇلائيندو؟ اهو عقاب انهيءَ لاءِ ائين ڪندو تہ جيئن اها ول ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا سڀيئي تازا نڪرندڙ پن سڪي سڙي وڃن. انهيءَ کي پاڙن کان پٽي ڪڍڻ لاءِ وڏيءَ طاقت يا گھڻن ماڻهن جي ضرورت نہ پوندي.
انهيءَ ڏينهن خداوند امورين تي بني اسرائيل کي فتح بخشي. ساڳئي ڏينهن منجھند ڌاري يشوع خداوند کان دعا گھري ۽ پوءِ جيئن ”آشر جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي، تيئن هن بني اسرائيل جي روبرو هيئن چيو تہ ”اي سج! تون جِبعون شهر مٿان رڪجي وڃ، اي چنڊ! تون ايالون ماٿريءَ تي ترسي پئُہ.“ تڏهن سج رڪجي ويو ۽ چنڊ ترسي پيو، جيستائين بني اسرائيل قوم دشمنن کي شڪست نہ ڏني. سو سج آسمان جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جيترو وقت هڪ هنڌ رڪجي ويو ۽ اولهہ ڏانهن نہ لڙيو.