Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 2:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اهي هر قربان‌گاهہ وٽ گروي رکيل ڪپڙن مٿان ليٽي ٿا پون، ۽ منهنجي هيڪل ۾ غريبن کان ڏنڊ طور وصول ڪيل مئي پيئن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ سڀ ڪنهن قربانگاهہ جي پاسي ۾ گروي ورتل ڪپڙن تي ليٽن ٿا، ۽ پنهنجي خدا جي گهرن ۾، جن تي ڏنڊ پيل آهي، تن جو شراب ٿا پيئن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 2:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن اوهين منهنجي قوم مان ڪنهن غريب کي جيڪو اوهان وٽ رهي ٿو، ڪي پئسا اڌارا ڏيو، تہ لهڻيدار وانگر انهيءَ کي ڇڪ نہ ڪجو، نڪي کانئس وياج وٺجو.


اوچي ۽ مٿاهين جبل تي وڃي اوهين بتن آڏو قربانيون پيش ٿا ڪريو. اتي اوهين انهن جي نالي زناڪاري ڪرڻ لاءِ پڻ هنڌ وڇائي پئجي ٿا رهو.


مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ


هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن.


پوءِ اهي هڪڙي عمدي پلنگ تي چڙهي ويٺيون. سندن اڳيان عمدين شين سان سجايل هڪڙي ميز رکيل هئي. هنن انهيءَ تي منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل لوبان ۽ زيتون جو تيل آڻي رکيو.


اوهين منهنجي قوم جي گناهن تي گذران ڪريو ٿا، تنهنڪري ئي اوهين سندن بدڪاريءَ جا آرزومند ٿا رهو.


هو مون کي دل سان نہ ٿا پڪارين، بلڪ بتن آڏو بہ روئن رڙن ٿا، اناج ۽ مئي جي لاءِ بتن کان دعا گھرندي هو پنهنجي بدن کي زخم بہ رسائين ٿا. هائو، اهي مون کان صفا باغي ٿي ويا آهن.


جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل وارن کي سندن گناهن جي سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت‌ايل جي قربان‌گاهن کي بہ تباهہ ڪري ڇڏيندس. هائو، قربان‌گاهن جي ڪنارن وارا سڱ ڀڄي پوندا ۽ زمين تي وڃي ڪرندا.


ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.


اوهين عاج جي پلنگن تي ليٽندي بلڪ پنهنجن طول وِهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي پنهنجي ڌڻن مان پسند جي گھيٽن ۽ ٿلهن متارن گابن جو گوشت کائو ٿا.


اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا. پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان اوهين لاپرواہ آهيو.


اوهين خداوند عيسيٰ جي پيالي سان گڏوگڏ ڀوتن جي پيالي مان پي نہ ٿا سگھو. اوهين خداوند عيسيٰ جي کاڌي سان گڏوگڏ ڀوتن جي کاڌي ۾ شامل ٿي نہ ٿا سگھو.


تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ بت‌پرست نہ ٿيون جهڙيءَ طرح انهن مان ڪي ٿيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ پوءِ اٿي نچڻ ٽپڻ ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويا.“


فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوهان ڄاڻ وارن مان ڪنهن کي بت‌خاني ۾ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائيندو ڏسي، تہ هو بہ اهو کاڌو کائڻ ۾ نہ همتائبو ڇا؟


هنن ٻنين ۾ وڃي انگور پٽي گڏ ڪيا ۽ انهن مان رس ڪڍي مئي ٺاهي پيتائون ۽ جشن ملهايائون. هو پنهنجي معبود جي مندر ۾ ويا اتي کاڌائون پيتائون ۽ ابيملڪ تي لعنتون وسايائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ