Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اهي مسڪينن کي انصاف نہ ٿا ڏين، بلڪ سندن مٿا ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ پيا لتاڙين. منجھن پيءُ ۽ پٽ ٻيئي ساڳيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃي منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي پيا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هو غريبن جي مٿي جي مٽيءَ جي لالچ ۾ پيا سهڪن، ۽ حليمن کي سندن راهہ کان ٿا ڦيرائين: ۽ پيءُ ۽ پٽ ٻئي ساڳي ڇوڪريءَ وٽ وڃي، منهنجي پاڪ نالي کي ناپاڪ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 2:7
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ جيئن تہ اهو ڪم ڪري تو خداوند جي نالي کي خسيس سمجھيو آهي. سو جيڪو ٻار تو کي ڄائو آهي سو ضرور مرندو.“


سو اخي‌اب تپي باهہ ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو، ڇو تہ نابوت کيس چيو هو تہ ”آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو تو کي نہ ڏيندس.“ سو هو پنهنجي بستري تي منهن ورائي سمهي پيو ۽ ماني بہ نہ کاڌائين.


طرفداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، مگر ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي مانيءَ ڳڀي جي رشوت تي ئي گناهہ ڪيو وجھن.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي بي‌انصافيءَ سان فيصلو ڪن ٿا، هائو، جيڪي ظلم وارا قانون جاري ٿا ڪن.


انهيءَ لاءِ تہ اهي غريبن کي انصاف کان محروم رکن، خداوند جي قوم جي محتاجن جو حق کسي وٺن، ۽ رنن‌زالن ۽ يتيمن جي مال ملڪيت کي لٽين ڦرين.


خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.


آءٌ خداوند قادرِمطلق اوهان کي چوان ٿو تہ ڇو اوهين منهنجي قوم کي پيڙيو ٿا، ۽ غريبن کي ستايو ٿا؟“


ان کان سواءِ تو منجھہ ڪي پاڙيسرين جي زالن سان بدڪاري ٿا ڪن ۽ ڪي وري پنهنجي ننهن توڙي پنهنجي ماٽيلين ڀينرن سان زناڪاري ڪري کين پليت ڪري ٿا ڇڏين.


پر منهنجي سزا جو نتيجو اهو نڪتو جو هو جتي بہ ويا اتي منهنجي نالي جي بي‌حرمتي ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي ڏسي غير قوم وارن ائين ٿي چيو تہ ’هي خداوند جا ماڻهو آهن پوءِ بہ کين پنهنجي وطن مان نڪرڻو پيو آهي؟‘


پر آءٌ انهن کي سندن زناڪاريءَ جي سزا ڪين ڏيندس، ڇوجو انهيءَ بدڪاريءَ لاءِ اوهين خود مرد ڏوهدار آهيو. اوهين پاڻ پوڄا ڪندي انهن عورتن سان زنا ٿا ڪريو، ۽ انهن عورتن سان گڏ بتن آڏو قربانيون ٿا ڪريو. جيئن چوڻي آهي تہ ’جيڪا قوم بي‌سمجھہ آهي، سا تباهہ ٿي ويندي.‘


اوهان پنهنجيءَ نُنهن جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي پٽ جي زال آهي.


اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


اوهان پنهنجي پيءُ جي ٻين زالن جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پنهنجي پيءُ جي بي‌عزتي ڪندا.


آءٌ پاڻ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جو مخالف ٿيندس ۽ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجو اولاد مولڪ کي ڏيئي منهنجي مقدس خيمي کي پليت ڪيو آهي ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي ڪئي اٿائين.


ٻڌو، اي سامريہ جون عورتون! اوهين جيڪي بسن جي ڳئن جيان کائي کائي متاريون ٿيون آهيو، هائو، اوهين جيڪي غريبن ۽ مسڪينن تي ظلم ڪري کين چيڀاٽيو ٿيون ڇڏيو، ۽ پنهنجي مڙسن کي چئو ٿيون تہ ”شراب آڻيو تہ اسين پيئون،“ اوهين هي فرمان ٻڌو.


هائو، اوهين جيئن تہ غريبن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ظلم ڪري کانئن اناج ٿا ڦريو، سو اوهين توڙي جو مضبوط ۽ پُر آسائش گھر جوڙيندا، تنهن هوندي بہ انهن ۾ رهڻ نصيب نہ ٿيندءَ. اوهين انگورن جا خوبصورت باغ تہ پوکيندا، پر انهن جي مئي پيئڻ اوهان کي نصيب نہ ٿيندي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جا گناهہ ڪيڏا نہ وڏا آهن، ۽ اوهان جون بدڪاريون ڪيتريون نہ گھڻيون آهن. اوهين سچارن کي ڏکويو ٿا، رشوت وٺو ٿا، ۽ عدالت مان انصاف گھرڻ وارن غريبن کي هڪالي ٿا ڪڍو.


اي اوهين! جيڪي محتاجن کي لتاڙيو ٿا، ۽ ملڪ جي غريبن کي ناس ٿا ڪريو، سي ٻڌو.


هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي سندن ميراث کسي ٿا وٺن. هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.


اوهين مردن جي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي قوم جي عورتن کي سندن پيارن گھرن مان تڙي ٿا ڇڏيو، ۽ سندن ننڍڙن ٻارن کان منهنجيون ڏنل سهولتون کسي ٿا وٺو، جنهن ڪري اهي ٻار اڳتي وڌي نہ ٿا سگھن.


انهيءَ شهر جا عملدار چيريندڙ ڦاڙيندڙ شينهن آهن، ۽ قاضي بکايل بگھڙ آهن، جيڪي صبح تائين ڪجھہ بہ نہ ٿا ڇڏين.


اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“


مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماءُ پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ