Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 موآب جي حڪمران کي بہ سندس سڀني عملدارن سميت آءٌ قتل ڪرائي ڇڏيندس.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي وچ مان قاضيءَ کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سندن سڀ امير ساڻس گڏ ڪُهي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 2:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو چڱن مڙسن جا پٽڪا لاهيو ٿو وٺي، ۽ سورهيہ سردارن جي طاقت جو خاتمو ٿو آڻي ڇڏي.


جڏهن اهي ٽڪر، يعني خداوند جي عدالت ۾ ايندا. تڏهن مڃيندا تہ منهنجيون ڳالهيون بلڪل سچيون هيون.


تنهنڪري اي بادشاهؤ! هاڻي اوهين ڏاها ٿيو. هائو، اي ڌرتيءَ جا حڪمرانؤ! هاڻي اوهين هدايت وٺو.


هو دنيا جي طاقتور حڪمرانن کي هيٺ ڪيرايو ڇڏي، ۽ کين ڪين جهڙو ڪريو ڇڏي.


موآب جو لشڪر قتل ڪيو ويندو ۽ انهيءَ جي طاقت ختم ڪئي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اي موآب وارؤ! جيئن تہ اوهين پنهنجن ڪوٽن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسو ٿا رکو، سو اوهين بہ قيدي بڻايا ويندا. اوهان جو معبود ڪموس پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جا گناهہ ڪيڏا نہ وڏا آهن، ۽ اوهان جون بدڪاريون ڪيتريون نہ گھڻيون آهن. اوهين سچارن کي ڏکويو ٿا، رشوت وٺو ٿا، ۽ عدالت مان انصاف گھرڻ وارن غريبن کي هڪالي ٿا ڪڍو.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي انصاف کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙي ٿا ڇڏيو.


اي اسرائيل وارؤ! ڀلا، ٽڪرن تي ڪو گھوڙا ڊوڙائي سگھي ٿو ڇا؟ يا ڪو ڍڳن سان سمنڊ تي هرُ ڪاهي سگھي ٿو ڇا؟ پر اوهان انصاف جهڙي مٺي شيءِ کي ڦيرائي زهر ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ سچائيءَ جي ميوي کي ڦيرائي ٽُوهہ ڪري ڇڏيو اٿوَ.


آءٌ جھاتي پائي ڏسان ٿو تہ ايندڙ وقت ۾ بني اسرائيل ۾ هڪڙو بادشاهہ کڙو ٿيندو. هائو، بني يعقوب مان اهو هڪ تاري وانگر نڪري نروار ٿيندو. اهو اوهان موآبين کي چئني طرفن کان نپوڙيندو، ۽ سڀني فسادين کي برباد ڪري ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ