Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 2:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تنهنڪري آءٌ موآب ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا قريوت جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. اهڙيءَ طرح موآب وارا جنگ جي للڪار، نفيلن جي آواز، ۽ گوڙ گھمسان سان ختم ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 پر آءٌ موآب تي باهہ موڪليندس ۽ اُها قريوت جا محلات ساڙيندي؛ ۽ موآب گوڙ گڙٻڙ سان، رڙين سان ۽ قرناءِ جي آواز سان مرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 2:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي قوم انهيءَ ڪري خوشي ڪندي جو سندن دشمنن جي لاشن جا رت ۾ ڀريل ڪپڙا ساڙيا ويندا، ۽ انهن ملڪ لتاڙيندڙ لشڪر وارن جا بوٽ باهہ جو کاڄ بڻبا.


قريوت ۽ بُصراہ. موآب جي سڀني ويجھن توڙي ڏورانهن شهرن تي اها سزا نازل ٿيندي.


حشبون ۽ العالي شهرن وارا رڙيون ڪندا. سندن رڙيون يهض شهر تائين، بلڪ ضغر کان وٺي حورونايم ۽ عجلت شليشياهہ شهرن تائين پيون ٻڌبيون، ڇاڪاڻ تہ برباديءَ سبب نمريم نهر جو پاڻي بہ سڪي ويندو.


ان جا سڀ شهر قبضي هيٺ اچي ويندا، ۽ مضبوط قلعا دشمن هٿ ڪري وٺندا. انهيءَ ڏينهن موآب جي بهادر مردن جي دلين ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.


تڏهن جيڪي ڀاڄوڪڙ هوندا، سي سيحون بادشاهہ جي شهر حشبون جي پناهہ ۾ بيتابيءَ جي حالت ۾ اچي بيهي رهندا، پر حشبون شهر بہ ساڙي رک ڪيو ويندو، سو اها باهہ فسادين جي ملڪ موآب کي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.


خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل! جيئن تہ موآب جي ماڻهن طعنا هڻي چيو آهي تہ ’واہ! يهوداہ وارا بہ تہ عام قومن وانگر ٿي ويا آهن!‘


تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.


تنهنڪري آءٌ اهڙي باهہ موڪليندس، جيڪا بن‌هدد بادشاهہ جي ٺهرايل قلعي ۽ انهيءَ ۾ حزائيل بادشاهہ جي محل کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ