Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 2:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ڏسو، آءٌ اوهان کي ائين چيڀاٽي ڇڏيندس، جيئن اناج سان ڀريل ڪا گاڏي ڪنهن کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڏسو، آءٌ اوهان کي اوهان جي جاءِ تي ائين چپيندس جيئن ڪا گڏن سان ڀريل گاڏي چپيندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 2:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان ٻنيءَ ۾ گڏا پئي ٻڌا تہ ڇا ٿو ڏسان تہ منهنجو گڏو اُٿي اڀو ٿي بيٺو ۽ اوهان جا گڏا ان جي چوڌاري اچي بيٺا ۽ ان جي اڳيان جھڪيا.“


ڇا تون هن تي اعتبار ڪري ٿو سگھين تہ هو تنهنجو اناج گھر کڻي ايندو؟ ڇا تو کي يقين آهي تہ هو تنهنجي ٻنيءَ جو فصل ميڙي ڳاهہ جي پِڙ تي گڏ ڪندو؟“


ڪيڏا نہ ڀيرا هنن بيابان ۾ ساڻس سرڪشي ڪئي آهي! هائو، ڪيڏا نہ ڀيرا هنن رڻ‌پٽ ۾ کيس رنجايو آهي!


اوهان جي نئين چنڊ وارين گڏجاڻين، توڙي مقرر ڪيل عيدن کان منهنجي دل کي ڪراهت ٿي اچي. اهي مون لاءِ ايڏو تہ بار آهن جو آءٌ انهن کان بيزار ٿي پيو آهيان. هاڻي آءٌ اهو برداشت ڪري نہ ٿو سگھان.


اوهان منهنجي لاءِ پئسا خرچ ڪري لوبان ڪونہ ورتو، نڪي پنهنجن جانورن جي قربانيءَ واري سڻڀي مال سان مون کي راضي ڪيو اٿوَ. اٽلندو اوهان پنهنجي گناهن سان مون کي تڪليف ڏني، ۽ پنهنجي بدڪارين سان مون کي بيزار ڪري ڇڏيو.


تنهن تي يسعياہ آخز کي چيو تہ ”اي دائود جو اولاد! هاڻي تون ٻڌ. ڇا تنهنجي نظر ۾ اها ڪا معمولي ڳالهہ آهي جو تون ماڻهن جي صبر کي آزمائين ٿو ۽ وري هاڻي تون منهنجي خدا جي صبر کي بہ آزمائڻ چاهين ٿو!


تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“ خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟


جتي اهي جلاوطن ٿي رهندا. پوءِ جڏهن هو منهنجي باري ۾ سوچيندا تہ محسوس ڪندا تہ هنن مون سان بي‌وفائي ڪندي ۽ بتن جي پوڄا ڪندي منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. تڏهن اهي پنهنجي ڪيل ڪراهت جهڙن ڪمن سبب پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندا.


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“


انهن پنهنجي نذراني طور ڇهہ ڍَڪيل گاڏيون ۽ ٻارهن ڏاند خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪيا. انهن مان هڪ هڪ ڏاند هر سردار طرفان هو ۽ هڪ هڪ گاڏي ٻن ٻن سردارن طرفان هئي. جڏهن هنن اِهي مقدس خيمي جي اڳيان آڻي حاضر ڪيا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ