اهي غيبدانن ۽ نبين کي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪندي چون ٿا تہ ’اوهين رويائن ڏانهن ڌيان ڏيندي اسان کي حق سچ جون ڳالهيون ٻڌائڻ بجاءِ، رڳو اسان جي پسند جون ڳالهيون ٻڌايو، توڙي اهي ڪوڙيون ئي ڇو نہ هجن.
منهنجي شهر عنتوت جي رهاڪن مون کي مارڻ ٿي گھريو ۽ انهن مون کي چيو هو تہ ”تون پنهنجو پيغام خداوند جي نالي سان نہ ٻڌائيندو ڪر، نہ تہ اسين تو کي ماري ڇڏينداسين.“
تہ پاڻ کي مئي ۽ ٻين نشيدار شين کان پري رکي. هو مئي جو سرڪو يا ٻي نشي واري شيءِ جو سرڪو نہ پيئي. هو نڪي ڪنهن بہ قسم جي انگوري رس پيئي ۽ نہ وري انگور يا ڪشمش کائي.