Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 1:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تنهنڪري آءٌ غزہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ موڪليندس، جيڪا انهيءَ جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر آءٌ غزہ جي ڀت تي باهہ موڪليندس، ۽ اها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 1:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن فلستين جي هر ننڍڙي ڳوٺ کان وٺي وڏي شهر تائين يعني هر هنڌ، ويندي ڏکڻ طرف غزہ شهر ۽ ان جي آس‌پاس وارن علائقن تائين سندن ٺڪاڻن تي حملا ڪري کين شڪست ڏني.


هڪڙي دفعي عُزياہ نڪري وڃي فلستين سان جنگ ڪئي ۽ جات، يبنہ ۽ اشدود شهرن جا ڪوٽ ڪيرايائين. هن پوءِ فلستين جي علائقي ۾ اشدود شهر جي ويجھو ۽ ٻين هنڌن تي بہ ڪوٽن وارا شهر ٻڌرايا.


فلستي شهر غزہ تي فرعون جي ڪاهہ کان اڳ فلستين بابت خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ


اي فلستيؤ! اوهين جيڪي تباهيءَ کان بچي ويندا سي ڪيستائين پيا ماتم ڪندا؟ هائو، اي غزہ ۽ اسقلون شهر وارؤ! اوهين ڪيستائين سوڳ ۾ پنهنجا مٿا ڪوڙائي ماٺ ڪري ويهندا؟


آءٌ مصر ملڪ ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو انهيءَ جا سڀ مددگار ماريا ويندا، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


خداوند وڌيڪ فرمايو تہ ”بلڪ آءٌ ماجوج جي ملڪ تي ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ڪناري وارن سلامتيءَ سان رهندڙ ماڻهن تي باهہ نازل ڪندس، تڏهن هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنڪري آءٌ اهڙي باهہ موڪليندس، جيڪا بن‌هدد بادشاهہ جي ٺهرايل قلعي ۽ انهيءَ ۾ حزائيل بادشاهہ جي محل کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.


فلستيءَ وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”غزہ شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو ڪن ڳوٺن جي سڀني ماڻهن کي قيد ڪري وٺي ويا، ۽ کين ادوم ملڪ ۾ وڪڻي ڇڏيائون.


آءٌ عقرون شهر کي سزا ڏيندس، بلڪ اشدود ۽ اسقلون شهرن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي بہ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، اهڙيءَ طرح فلستين جا باقي بچيل سڀيئي ماڻهو چٽ ٿي ويندا.“ اهو خداوند خدا جو فرمان آهي.


غزہ شهر ۾ ڪوبہ ڪونہ بچندو، ۽ اسقلون شهر کي ويران ڪيو ويندو. اشدود شهر وران کي منجھند ٿيڻ کان اڳ تڙي ڪڍيو ويندو، ۽ عقرون شهر وارن جي پاڙ پٽي ويندي.


اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“


هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ