Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 1:5 - Muslim Sindhi Bible

5 آءٌ انهيءَ قلعي واري شهر دمشق جا دروازا ڀڃي ڇڏيندس، ۽ آون ماٿريءَ ۽ بيت‌عدن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي نابود ڪري ڇڏيندس. پوءِ ارامين مان باقي بچيل قيد ٿي قير ملڪ ڏانهن نيا ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ آءٌ دمشق جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن کي آون جي واديءَ مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ جيڪو شاهي چوب جهليو ويٺو آهي تنهن کي عدن جي گهر مان وڍي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ ارام جا ماڻهو قيد ٿي قير تائين ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 1:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يربعام ثانيءَ جو باقي احوال جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سندس ڪارنامن ۽ سوڀن سميت، جن ۾ دمشق ۽ حمات شهرن جي اسرائيل ۾ واپسي شامل آهي، اهي سڀ ڳالهيون ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


اشور جي شهنشاهہ آخز جي اها ڳالهہ مڃي ۽ دمشق تي چڙهائي ڪري مٿس قبضو ڪيائين. هو اتان جا ماڻهو قيد ڪري قير ملڪ ڏانهن وٺي ويو ۽ ارام جي بادشاهہ رضين کي قتل ڪري ڇڏيائين.


عيلام ۽ قير جي تيراندازن حملي لاءِ جنگي گھوڙي گاڏين ۽ سوارن سان گڏ تيرن سان ترڪش ڀري کنيا آهن، ۽ پنهنجي ڍالن تان پوش هٽائي ڇڏيا اٿائون.


خداوند، اوهان جو بچائيندڙ، بني اسرائيل جو پاڪ معبود فرمائي ٿو تہ ”منهنجو واعدو آهي تہ اوهان کي بچائڻ خاطر بابل جي خلاف آءٌ هڪڙو لشڪر موڪليندس. آءٌ شهر جا دروازا ڀڃي ڪيرائيندس، ۽ انهيءَ جي رهاڪن جي خوشيءَ وارن نعرن کي دانهن ڪوڪن ۾ بدلائي ڇڏيندس.


انهيءَ سبب جو اهو ٻار بابا ۽ امان چوڻ سکي، تنهن کان اڳ اشور جو شهنشاهہ اوهان جي دشمنن يعني دمشق ۽ سامريہ وارن تي حملو ڪري اتان جو مال ملڪيت لٽي ڦري پاڻ سان کڻي ويندو.“


آءٌ اوهان جي ڪوڙين اڳڪٿي ڪندڙن تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس، جنهن مان ثابت ٿيندو تہ اهي بي‌وقوف آهن. اوهان جا بهادر مرد بہ انهيءَ تلوار کان بچي نہ سگھندا، ۽ منجھن خوف وَ حراس ڦهلجي ويندو.


بابل جا بهادر ڊڄي جنگ ڪرڻ کان پٺتي هٽي ويا آهن، ۽ وڃي پنهنجن قلعن ۾ لڪا آهن. هو پنهنجي همت هاري عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پيا آهن. هوڏانهن دشمن سندن شهرن جي ڪوٽن جا دروازا ڀڃن ٿا، ۽ شهرن اندر گھڙي هر گھر کي باهہ ٿا ڏين.


صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.


شبا جي واپارين کان علاوہ حاران، ڪنہ، عدن، اشور ۽ ڪلمد شهرن جا واپاري پڻ تو سان واپار ڪندا هئا.


اون ۽ في‌بست شهرن جا نوجوان تلوار جي ڌار سان قتل ڪيا ويندا، ۽ ٻنهي شهرن جي باقي بچيل ماڻهن کي آءٌ قيد ڪرائي جلاوطن ڪري ڇڏيندس.


بيت‌ايل جي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر، جتي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آهن، سي بلڪل ناس ڪيا ويندا. هائو، سندن قربان‌گاهون ويران ٿي وينديون، ۽ اتي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. تڏهن اسرائيل وارا جبلن کي چوندا تہ ”اسان جي مٿان ڪري پئو،“ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ”اسان کي پوري ڇڏيو.“


بيت‌ايل، جِلجال ۽ بيرسبع ڏانهن نہ وڃو. هائو، اوهين هرگز انهن جي عبادت‌گاهن جا پيروڪار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ يقيناً انهن جا سڀيئي رهاڪو جلاوطن ڪيا ويندا، ۽ انهن شهرن کي نابود ڪيو ويندو.“


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! اوهين سوڊانين کي ڪمذات سمجھو ٿا، پر منهنجي نظر ۾ اوهين ڪو انهن کان مٿي آهيو ڇا؟ جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، تيئن ئي مون فلستين کي ڪريت مان، ۽ ارامين کي قير مان نہ ڪڍي آندو آهي ڇا؟


پنهنجي لشڪر تي تہ نگاهہ ڪر، اهي عورتن وانگر ٿي پيا اٿيئي. تنهنجي ملڪ جون سرحدون دشمنن لاءِ کُليون پيون اٿيئي، ڄڻ تہ تنهنجي دروازن جي گزن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ