Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عاموس 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 تنهنڪري آءٌ ربہ شهر جي ڪوٽ تي باهہ ڀڙڪائيندس، جيڪا ان جي محلاتن سميت سڀني کي جنگ جي ڏينهن تي طوفاني واچوڙن وانگر للڪار ڪندي برباد ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر آءٌ ربہ جي ڀت تي باهہ ٻاريندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي؛ جنگ جي ڏينهن رڙين سان، ۽ حرارت جي ڏينهن طوفان سان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عاموس 1:14
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ بهار جي موسم ۾ بادشاهہ اڪثر جنگ تي ويندا آهن، سو ايندڙ بهار جي موسم ۾ دائود پنهنجي سالارن ۽ بني اسرائيل جي سڄي لشڪر کي يوآب سان گڏ جنگ تي روانو ڪيو. هنن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو ۽ سندن شهر ربہ کي گھيرو ڪيائون. پر دائود پاڻ يروشلم ۾ ئي رهيو.


هوڏانهن يوآب عمونين جي گاديءَ واري شهر ربہ وٽ جنگ جاري رکي ۽ شهر کي گھيرو ڪري ورتو.


هن شهر جي ماڻهن کي ٻاهر وٺي وڃي ڪرٽن، لوهي ڏاندارين ۽ ڪهاڙن جي ڪم تي لڳايو ۽ بٺن ۾ سرن ٺاهڻ جي بيگر ۾ هنيو. هن بني عمون جي سڀني شهرن جو اهو ئي حال ڪيو. پوءِ دائود ۽ سندس سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ موٽي آيا.


بهار جي موسم ۾، جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن تن ڏينهن ۾ يوآب لشڪر وٺي ٻاهر نڪتو ۽ وڃي بني عمون جي ملڪ تي حملو ڪيائين. دائود بادشاهہ پاڻ يروشلم ۾ ئي رهيو. هنن وڃي انهيءَ ملڪ جي گاديءَ واري شهر ربہ کي گھيري هيٺ آندو ۽ ان کي تباهہ ڪري ڇڏيائون.


تيئن تون پنهنجي واچوڙي سان سندن پيڇو ڪر. پنهنجي خوفناڪ طوفان سان تون انهن ۾ هيبت وجھہ.


آءٌ قادرِمطلق خداوند اوهان کي بچائڻ لاءِ، گجگوڙ سان، زلزلي سان، وڏي آواز سان، واچوڙي سان، طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان اچي نازل ٿيندس.


انهيءَ سبب جو جڏهن خداوند جوش ۾ ايندو تڏهن سندس جلال وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ سندس هٿ ڌڪ هڻندي ڏسڻ ۾ ايندو. هائو، هن جو سخت قهر ساڙي رک ڪندڙ باهہ جي شعلن جي صورت ۾ ٻوڏ، طوفان ۽ ڳڙن سان اچي اشورين تي ڪڙڪندو.


تنهنجي قوم انهيءَ ڪري خوشي ڪندي جو سندن دشمنن جي لاشن جا رت ۾ ڀريل ڪپڙا ساڙيا ويندا، ۽ انهن ملڪ لتاڙيندڙ لشڪر وارن جا بوٽ باهہ جو کاڄ بڻبا.


خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.


هاڻي ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ وارا جنگ جي للڪار ٻڌندا. پوءِ اهو شهر هڪڙو ويران دڙو ٿي پوندو، ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڳوٺ باهہ ڏيئي ساڙيا ويندا. ان کان پوءِ اسرائيل وارا موٽي بني عمون کي پنهنجي علائقي مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندا، جتان اڳ ۾ بني عمون کين هڪالي ڪڍيو هو.


جن مان هڪڙو رستو بني عمون جي گاديءَ واري شهر ربہ ڏانهن ويندڙ هجي ۽ ٻيو رستو يهوداہ جي ڪوٽ واري شهر يروشلم ڏانهن ويندڙ هجي.


پوءِ ڇا ٿيندو جو ڦال ۾ هن جي ساڄي هٿ ۾ تير ايندو جنهن تي يروشلم لاءِ نشان لکيل هوندو. تڏهن هو هڪدم اشارو ڏيندو تہ جنگ جو نعرو هنيو وڃي، يروشلم شهر جي ڀتين تائين مٽيءَ جا دِڪا ٻڌا وڃن، مورچا ٺاهيا وڃن، دروازن ڀڃڻ واريون مشينون لڳايون وڃن ۽ ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي.


اي بڇڙا ۽ پليت اسرائيل جا بادشاهہ! تنهنجو ڏينهن، هائو، تنهنجي آخري سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي.


آءٌ اوهان جي گاديءَ واري شهر ربہ کي اٺن جي چراگاهہ بڻائيندس ۽ اوهان جي سڄي عمون ملڪ کي رڍن جي چراگاهہ ڪري ڇڏيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تنهنڪري ياد رکو، آءٌ اوهان تي پنهنجو هٿ کڻي اوهان کي دشمنن جي حوالي ڪندس، جيڪي اوهان کي لٽيندا ڦريندا. آءٌ اوهان کي پوريءَ طرح برباد ڪري ڇڏيندس، ايتري قدر جو اڳتي اوهين ڪا قوم نہ رهندا، نڪي وري اوهان جو پنهنجو ڪو ملڪ ئي رهندو. هائو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ئي ڪيو آهي.‘“


شام جو بادشاهہ جنهن جي پڇاڙيءَ وارو وقت اچي پهچڻ وارو ٿيندو، تنهن سان مصر جو بادشاهہ اچي ٽڪرائبو. پر شام جو بادشاهہ واچوڙي وانگر جنگي گھوڙي گاڏين، گھوڙي سوارن ۽ سامونڊي جهازن سان نہ رڳو مٿس اچي ڪڙڪندو، بلڪ ٻين ملڪن ۾ بہ داخل ٿيندو ۽ ٻوڏ وانگر انهن سڀني کي ٻوڙيندو ويندو.


تنهنڪري آءٌ موآب ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا قريوت جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. اهڙيءَ طرح موآب وارا جنگ جي للڪار، نفيلن جي آواز، ۽ گوڙ گھمسان سان ختم ٿي ويندا.


انهيءَ ڪري مون کين واچوڙي وانگر اڏائي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جتي هو ڌارين وانگر ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ سندن وڻندڙ ملڪ اهڙو تہ ويران ٿي ويو جو اتي ڪنهن جي بہ اچ وڃ نہ هئي.“


رفائين جي نسل منجھان رڳو بسن جو بادشاهہ عوج وڃي رهيو هو. هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگھہ چار ميٽر ۽ ويڪر پوڻا ٻہ ميٽر هئي. اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ اڃا بہ موجود آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ