Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن سائول زمين تان اٿيو ۽ جڏهن پنهنجيون اکيون کوليائين تہ کيس ڪجھہ بہ ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو. سو انهن کيس هٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ شائول زمين تان اُٿيو، ۽ جڏهن اکيون پٽيائين، تڏهن ڪي بہ ڏسي ڪين سگهيو، ۽ ٻيا کيس هٿ کان جهلي دمشق ۾ وٺي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 تڏهن سائول زمين تان اٿيو ۽ جڏهن پنهنجيون اکيون کوليائين تہ کيس ڪجھہ بہ ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو. سو انهن کيس هٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 شائول زمين تان اٿيو ۽ پنھنجون اکيون کوليائين، پر ھو ڏسي نہ ٿي سگھيو. سو انھن کيس ھٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هن پنهنجي ماڻهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون ۽ رات جي وقت هنن تي حملو ڪري کين شڪست ڏنائين. هو حوبہ تائين، جيڪو دمشق شهر جي اتر ۾ آهي، هنن جي پٺيان پيو.


پوءِ انهن گھر جي ٻاهران بيٺل سڀني ننڍن وڏن ماڻهن کي انڌو ڪري ڇڏيو تہ جيئن دروازو نہ لهي سگھن.


تنهن تي خداوند چيس تہ ”ماڻهوءَ کي وات ڪنهن ڏنو آهي؟ ماڻهوءَ کي گونگو يا ٻوڙو، انڌو يا سڄو ڪير ٿو ڪري؟ ڇا اهو آءٌ نہ ٿو ڪريان جيڪو خداوند آهيان؟


سو ٻڌ، تو تي خداوند جي مار اچي پيئي آهي. هاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ عرصي تائين ڏينهن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏهن هڪدم هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداهي اچي ويئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي.


آءٌ انهيءَ روشنيءَ جي چمڪ جي ڪري انڌو ٿي پيس، سو منهنجا سنگتي ساٿي مون کي هٿ کان وٺي دمشق ۾ آيا.


تڏهن هڪدم مڇيءَ جي ڇلر جهڙي ڪا شيءِ سائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. پوءِ هن اُٿي بپتسما ورتي


اتي هو ٽن ڏينهن تائين انڌو رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن نہ ڪجھہ کاڌو ۽ نہ پيتو.


دمشق شهر جي گورنر، جيڪو ارتاس بادشاهہ جي هٿ هيٺ هو، تنهن مون کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ دمشق جي دروازن تي پهرو بيهاري ڇڏيو هو.


نڪي آءٌ يروشلم ۾ انهن رسولن وٽ ويس جيڪي مون کان اڳي مقرر ٿيل هئا. پر آءٌ هڪدم عربستان ڏانهن هليو ويس ۽ پوءِ اتان موٽي دمشق شهر ۾ آيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ