Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هن پڇيس تہ ”اي سائين! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ عيسيٰ آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ هن چيو تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 هن پڇيس تہ ”اي سوامي! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ھن پڇيو تہ ”خداوند! تون ڪير آھين؟“ آواز چيو تہ ”آءٌ عيسيٰ آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا بيحد ڏاهو ۽ نهايت قدرت وارو آهي. ڪير آهي جيڪو سندس مقابلي ۾ اچي سلامت رهيو هجي؟


متان هو اوهان تي غصي ٿئي، ۽ اوهان کي پل ۾ نابود ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪاوڙ جلد ئي ڀڙڪڻ واري آهي. سڀاڳا آهن اهي سڀيئي، جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پنهنجي خالق سان مقابلو ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهي رڳو مٽيءَ مان جڙيل ٿانون مثل آهن. ڀلا مٽي ڪنڀر کان پڇندي ڇا تہ ”تون ڇا ٿو جوڙين؟“ يا سندس ٺاهيل ٿانءُ اها شڪايت ڪندو ڇا تہ سندس ٺاهيندڙ کيس ڪاريگريءَ سان نہ ٺاهيو آهي؟


پر پطرس چيو تہ ”اي سائين! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون ڪڏهن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آهي.“


اسين سڀ زمين تي ڪري پياسين تہ ان وقت مون عبراني ٻوليءَ ۾ هڪ آواز ٻڌو تہ ’سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ ڏاند وانگر پنهنجي مالڪ جي لٺ آڏو لت کڻي تون پاڻ کي نقصان ڇو ٿو پهچائين؟‘


ڪنهن وقت آءٌ پاڻ ائين سمجھندو هئس تہ عيسيٰ ناصريءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.


پر جيڪڏهن اهو خدا جي طرفان آهي تہ پوءِ اوهين انهن ماڻهن تي غالب پئجي نہ سگھندا، پر اٽلندو اوهين خدا جي مخالفت ڪندا.“ ڪائونسل گملي‌ايل جي صلاح قبول ڪئي.


تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“


هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“


ڇا ائين ڪندي اسين خداوند جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ زورآور آهيون؟


پر خدا جا اهي پيارا جڏهن کائي پئي ٿلها متارا ٿيا، تڏهن سندن پيٽ ڀرجي ويو ۽ اهي لتون هڻڻ لڳا. پوءِ جنهن خدا کين جوڙيو هو تنهن کي ڇڏي ڏنائون، ۽ پنهنجي انهيءَ طاقتور ڇڏائيندڙ کي حقير ڄاتائون.


آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ اهو سڀ ڪجھہ حاصل ڪري ورتو اٿم، يا آءٌ ڪامل ٿي چڪو آهيان، پر انهيءَ مقصد کي هٿ ڪرڻ جي اميد رکي اڳتي ڊوڙندو ٿو وڃان، جنهن لاءِ عيسيٰ مسيح مون کي هٿ ڪيو آهي.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪندڙ ۽ گستاخ هئس ۽ ايمان وارن کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ خدا مون تي رحم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ