Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:42 - Muslim Sindhi Bible

42 هيءَ ڳالهہ سڄي يافا ۾ مشهور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 سو اها ڳالهہ ساري يافا ۾ مشهور ٿي ويئي، ۽ گهڻن ئي کي خداوند تي ايمان آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

42 هيءَ ڳالهہ سڄي يافا ۾ مشهور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي پرڀو يسوع تي وشواس آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 ھيءَ ڳالھہ سڄي يافا ۾ مشھور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي خداوند تي ايمان آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:42
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين لبنان جي جبلن مان ايترو ڪاٺ وڍينداسون جيترو اوهين گھرندا. اهو سمنڊ جي رستي ٻيڙين وانگر تاري يافا شهر جي بندر تائين آڻينداسون. پوءِ اُهو اوهين اُتان يروشلم ڏانهن کڻائي وڃجو.“


پر يونس اٿيو ۽ خداوند کان پري ڀڄي وڃڻ لاءِ ٻئي طرف واري شهر ترسيس ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. هو يافا بندر تي پهتو ۽ اُتي هڪ سامونڊي جهاز ڏٺائين جيڪو ترسيس ڏانهن وڃڻ وارو هو. هو ڀاڙو ڏيئي ان ۾ وڃي ويٺو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کان ڀڄي جهاز وارن سان گڏ ترسيس ڏانهن هليو وڃي.


عيسيٰ اهو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اها بيماري موت واري نہ آهي، بلڪ خدا جي عظمت ظاهر ٿيڻ لاءِ آهي، تہ جيئن انهيءَ سان سندس فرزند جي بہ عظمت ٿئي.“


جيڪي ماڻهو مريم وٽ آيا هئا، تن مان ڪيترن ئي جڏهن عيسيٰ جو هي ڪم ڏٺو تڏهن مٿس ايمان آندائون.


ڇاڪاڻ تہ لعزر جي ڪري ڪيترائي ماڻهو انهن کي ڇڏي ويا هئا ۽ وڃي عيسيٰ تي ايمان آندو هئائون.


پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو سو نہ رڳو مون تي، بلڪ انهيءَ تي بہ ايمان رکي ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.


هاڻي تون ڪي ماڻهو يافا شهر ڏانهن موڪل، جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ کي وٺي اچن جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن.


هن انهن کي سڄي ڳالهہ ٻڌائي ۽ کين يافا ڏانهن موڪليائين.


هن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن هڪ ملائڪ کي پنهنجي گھر ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن کيس چيو تہ ’يافا مان انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ، جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن.


جيئن تہ انهن تي خداوند جو هٿ هو، سو گھڻا ئي ماڻهو سندن پيغام ٻڌي ايمان آڻيندي خداوند عيسيٰ ڏانهن ڦري آيا.


”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ دعا گھري رهيو هئس تہ مون کي رويا ڏيکاري ويئي تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي.


لُدہ ۽ شارون جي سڀني رهاڪن جڏهن کيس چڱو ڀلو ڏٺو تڏهن هنن خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو.


يافا ۾ مسيح تي ايمان رکندڙ هڪڙي عورت رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي هئي.


جيئن تہ لُدہ ڳوٺ يافا شهر جي ويجھو هو، تنهنڪري لُدہ جي ايمان وارن کي خبر پئجي ويئي تہ پطرس يافا ۾ آهي. پوءِ ٻہ ماڻهو هن ڏانهن موڪلي منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي هليا اچو.“


پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينهن يافا ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ وٽ رهيل هو، جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو.


مي‌يرقون، رقون، يافہ جي سامهون واري علائقي سميت.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ