Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:41 - Muslim Sindhi Bible

41 پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ رنن‌زالن سميت مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 پوءِ هن هٿ ڏيئي اُٿاريس، ۽ انهن پاڪ ٿيلن ۽ بيوهن کي سڏي اُها جيئري جاڳندي سندن حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

41 پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ وڌوائن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيوت طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

41 پطرس کيس ھٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ايمان وارن ۽ رنن⁠زالن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:41
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن کيس ٻڌايو تہ ”يوسف اڃا جيئرو آهي ۽ مصر جي سڄي ملڪ جو حاڪم آهي.“ اهو ٻڌي يعقوب وائڙو ٿي ويو ۽ کيس هنن جي ڳالهين تي يقين نہ آيو.


تڏهن الياس ڇوڪر کي کڻي هيٺ لهي آيو. هن اهو ٻار ماڻس کي ڏنو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، تنهنجو پٽ جيئرو آهي.“


اليشع کيس چيو تہ ”اهو کڻ.“ تڏهن هن هٿ ڊگھو ڪري اُهو کڻي ورتو.


هائو، ڏک سهندي موت جي منهن مان بچي وڃڻ وارا بہ مون کي دعا ڪندا هئا، منهنجي مدد سان رنن‌زالن کي بي‌انتها خوشي حاصل ٿيندي هئي.


عيسيٰ هن وٽ ويو ۽ کيس هٿ کان وٺي اٿاري ويهاريائين تہ انهيءَ دم سندس بخار لهي ويو ۽ هوءَ سندن خدمت ڪرڻ لڳي.


جڏهن شهر جي دروازي جي ويجھو پهتو تہ ڏٺائين تہ ماڻهو هڪڙي مُڙدي کي ٻاهر کنيو پئي ويا. اهو پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پٽ هو، جيڪا رن‌زال هئي. شهر جا ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ هئا.


تنهن تي اهو مري ويل اُٿي ويٺو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين.


هوڏانهن انهيءَ نوجوان کي جيئرو گھر آندو ويو، جنهن سان سڀني جي دل کي ڏاڍي تسلي ٿي.


پوءِ هن کيس ساڄي هٿ کان وٺي اٿاريو تہ انهيءَ دم ان ماڻهوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا.


ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي ايمان آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي رنن‌زالن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي.


پر حننياہ چيس تہ ”اي خداوند! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي ايمان رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن.


پطرس هر هنڌ ڦرندو رهيو ۽ هڪڙي ڏينهن هو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل انهن ماڻهن سان ملڻ ويو، جيڪي لُدہ ۾ رهندا هئا.


انهن رنن‌زالن جي پوريءَ طرح عزت ڪر، جيڪي سچ پچ نڌڻڪيون آهن.


اهڙي رن‌زال جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ