Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:40 - Muslim Sindhi Bible

40 پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 پر پطرس اُنهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو؛ ۽ لاشي ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، تہ اي طبيتا اُٿ! ۽ هن پنهنجون اکيون پَٽيون، ۽ جڏهن پطرس کي ڏٺائين، تڏهن اُٿي ويهي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي پرارٿنا ڪيائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 پطرس انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائين. پوءِ ميت ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي طبيٿا! اٿ.“ تنھن تي ھن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اٿي ويٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:40
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يسعياہ نبيءَ خداوند کان دعا گھري ۽ خداوند پاڇولي کي ڏهہ قدم پوئتي موٽايو، جيڪو آخز بادشاهہ جي محل جي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو هو.


پر جڏهن اوهين دعا گھرو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو اجر ڏيندو.


جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، تڏهن عيسيٰ ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان ورتائين تہ هوءَ اُٿي ويٺي.


عيسيٰ ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙو ۽ گونگو ڪرڻ وارا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان هڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“


پوءِ هو پاڻ انهن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ


پوءِ عيسيٰ ڇوڪريءَ جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اُٿ.“


پولس جڏهن ايترو چئي بس ڪئي، تڏهن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي دعا گھريائين.


پر جڏهن ست ڏينهن پورا ٿيا تہ اسين ساڳئي ئي سفر لاءِ اتان نڪرڻ لڳاسين. تڏهن هو پنهنجن ٻارن ۽ زالن سميت شهر کان ٻاهر تائين اسان کي ڇڏڻ آيا ۽ اسان سان گڏجي سمنڊ جي ڪناري تي گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائون.


پُبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل هو. پولس هن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا گھريائين. پوءِ مٿس پنهنجا هٿ رکي کيس شفا بخشيائين.


پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! هنن جي هن گناهہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ