Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




سنتن جا ڪم 9:28 - Muslim Sindhi Bible

28 پوءِ سائول رسولن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو هو ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي تي دليريءَ سان تبليغ پيو ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 پوءِ هو يروشلم ۾ ساڻن گڏ ايندو ويندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 پوءِ سائول خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو هو ۽ پرڀو يسوع جي نالي تي دليريءَ سان پرچار پيو ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 پوءِ شائول شاگردن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو ھو ۽ دليريءَ سان خداوند جي نالي جي تبليغ پيو ڪندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




سنتن جا ڪم 9:28
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جو بادشاهہ هو، تڏهن بہ تون ئي جنگين ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندو هئين. تڏهن خداوند تو کي چيو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ انهن جو بادشاهہ ٿيندين.‘“


هاڻ اي خداوند منهنجا خدا! تو مون پنهنجي ٻانهي کي منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي. پر آءٌ تہ هڪڙي ننڍڙي ٻار مثل آهيان ۽ خبر ڪانہ اٿم تہ ڪيئن اٿان ويهان.


خداوند هر ڪم ۾ ۽ هر هنڌ تنهنجي حفاظت ڪندو. هائو، هو هينئر کان هميشہ هميشہ تائين تنهنجي حفاظت ڪندو.“


آءٌ ئي اهو در آهيان. سو جيڪا بہ رڍ مون مان اندر گھڙندي سا بچي ويندي. اها اندر ٻاهر ايندي ويندي رهندي ۽ چراگاهہ ۾ پيئي چرندي.


تنهنڪري اهو ضروري آهي تہ هڪ اهڙو ماڻهو چونڊجي، جيڪو خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاهدي ڏئي. اهو اهڙو هئڻ گھرجي جيڪو اسان سان انهيءَ سموري وقت ۾ گڏ رهيو هجي، جنهن ۾ خداوند عيسيٰ اسان سان هو، يعني سندس يحيٰ کان بپتسما وٺڻ کان وٺي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ تائين.“


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن.


هاڻي اي خداوند! تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنهنجا ٻانها آهيون تن کي اهڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي مسيح بابت تنهنجو پيغام ٻڌايون.


هو يوناني ڳالهائيندڙ يهودين سان بہ گفتگو ۽ بحث پيو ڪندو هو، پر اهي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا هئا.


پوءِ آخرڪار ٽئين سال آءٌ پطرس سان ملڻ لاءِ يروشلم ويس ۽ پندرهن ڏينهن ساڻس گڏ رهيس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ